صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڊيرا موڙ تي تاريخي ڌرڻو ،پنجاب جي سرحد بند

ڪشمور/گڊو(دليپ ڪيسواڻي+بيورڪ لنجواني) سنڌو درياءَ مٿان پنجاب پاران زبردستي ڪينال ٺاهڻ خلاف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر، ديدار شام،مومن سمون،ڏاڏو اطهر سومرو،اشرف ڪلهوڙو،ولي ڏنو سبزوئي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڊيرا موڙ وٽ تاريخي ڌرڻو هڻي پنجاب جا رستا بند ڪري ڇڏيا،هزارين گاڏيون بيهي ويون،هزارين ماڻهن هٿ مٿي ڪري سنڌو درياءُ تي ٺهندڙ 6 ڪينالن کي رد ڇڏيو،ڌرڻي کي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ تي پهريون حق سنڌ وطن جو تسليم ڪيل آهي پر پنجاب پنهنجي طاقت جي بنياد تي سنڌو درياءُ مان سدائين پاڻي چوري ڪندو رهيو آهي 6 ڪينال ٺاهيا ويا ته سنڌ جو وجود ختم ٿي ويندو، هاڻي ئي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌو درياھ مان واري پئي اُڏامي، ٺٽي ،سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي، جيڪڏهن ان سنگين صورتحال ۾ پنجاب زبردستي سنڌو درياھ مٿان 6 ڪينال  ٺاهيا ته سکر بيراج کان هيٺ پاڻي جي سنگين کوٽ پيدا ٿي ويندي، هن چيو ته اڄ ڪشمور ڊيرا موڙ کان پنجاب ويندڙ روڊ تي ڌرڻو هڻي پنجاب جا رستا بند ڪري پرامن احتجاج جي سگھه ۽ طاقت ذريعي دنيا جي عالمي ملڪن جو ڌيان ڇڪائيندس،پاڻي واري ڌاڙي ۾ اقتدار جي عيوض پيپلزپارٽي جي سرڪار پنجاب سرڪار سان برابر جي شريڪ آهي، وزيرن ۽ مشيرن جو سڄي سنڌ ۾ گهيراءُ ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ کي قبيلائي جهيڙن، ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني جي حوالي ڪندڙ نااهل سرڪار نٿي گهرجي، اُتر سنڌ ۾ قبيلائي جهڙا ختم ڪرائڻ لاءِ سڀني سردارن ڏي لنگهي ويندس،ڌرڻي کي امجد خان مهيسر،ديدار شام،مومن سمون، ڏاڏو اطهر سومرو،اشرف ڪلهوڙو،ناياب سرڪش ۽ ولي ڏنو سبزوئي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ جدوجهد جو ميدان سينگارجي چڪو آهي، درياءُ کي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجهد جو سڄي قوم کي حصو ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا،ڌرڻي ۾ جسقم ضلعن جي اڳوانن ولي ڏنو سبزوئي، محمد رمضان ڪلوڙ، عزيز الرحمان شيخ، وارث خان جکراڻي،سمع بلاولي،رمضان خاصخيلي،فيصل مستوئي، منور شيخ، يعقوب عارباڻي، سميت هزارين ماڻهو موجود هئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.