جماعت اسلامي پاران چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي منظوري واري فيصلي جي مذمت

ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ارسا پاران سنڌ جي سخت احتجاج باوجود چولستان ڪئنال لاءِ  پاڻي جي منظوري کي سنڌ کي ٿر ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌوءُ درياهه اسان جي جياپي جو ذريعو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ باوجود ارسا چولستان جي ساڍا چار لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جي منظوري ڏئي ثابت ڪيو آهي ته اهو ادارو فقط پنجاب جي مفادن جي نگهباني لاءِ جوڙيو ويو، گذريل ٻن مهينن کان سنڌ ۾ سياسي، مذهبي، سماجي توڙي سول سوسائٽي جي تنظيمن پاران سخت احتجاج باوجود اهڙي قسم جي سنڌ دشمن  فيصلي سان وفاق وڌيڪ ڪمزور ۽ صوبن ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ورندو. ارسا جو فيصلو سنڌ جي معيشت ۽ زراعت کي تباه ڪرڻ جو منصوبو آهي، هن چيو ته  سنڌ ۾ هن وقت اها حالت آهي جو زراعت ته پري جي ڳالهه ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي، سنڌ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪي جو دعويدار پيپلز پارٽي ان سڄي ظلم ڇڙو بيان بازي کان سواءِ اڳتي وڌيڪ ڪوبه ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.