ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر) طرفان ڪالهه وفاقي حڪومت طرفان سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنالن جي تعمير، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ، سياسي ڪارڪنن جي گمشدگين ، ڌاري آبادڪاري ، مذھبي انتھاپسندي ۽ تعليمي ادارن ۾ فورسز جي مداخلت خلاف نڪتل سڏ تي سکر کان 28 جنوري تي نڪتل لانگ مارچ 27 ڏينھن کانپوءِ پيرين پنڌ ڪري ڪراچي پھتو، مارچ جي اڳوڻي جسقم جي چيئرمين اسلم خيرو پوري ، جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنا، اشرف بهيلم۔ ڪرن نظاماڻي۔ اسماعيل ناز نوتڪاڻي، جسقم (بشير خان ) جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسقم جي الاهي بخش بڪڪ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جو سربراھ نواز خان زنئور ، جيئي سنڌ محاذ جو جنرل سيڪريٽري سنڌي امداد ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ جڳديش آھوجا ، جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جو نائب صدر دودو ديشي ، رواداري تحريڪ جوصدر پنھل لاڙڪ ، سنڌ سجاڳي فورم جو اڳواڻ محب آزاد ، سيد منير حيدر شاھ، ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي، غازي خان پنھيار ، شاعر مھر ڊٻائي، ڪراچي بار ايسوسئيشن جو اڳواڻ رحمٰن ڪورائي ايڊوڪيٽ ، وائيس فار مسنگ پرسنز سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار ، سورٺ سنڌو، تاج جويو ڪئي. مارچ ۾ قوم پرست سياسي تنظيمن جا اڳواڻ ، انساني حقن جا پرچارڪ ، دانشور ، اديب ، پيرسن ، نوجوان ، عورتون ،ٻارڙا ، شاگرد ، ھاري مزدور وڏي تعداد ۾ پوليس رينجرز جي رڪاوٽن، لٺ بازي جي باوجود ڪراچي پريس ڪلب پهچي ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپو چيو ته سنڌو درياءَ سنڌو تھذيب جو اڏيندڙ عظيم درياءَ آھي، پنجاب جا حڪمران اسان جي شھ رڳ سنڌو درياءَ کي ڪٽڻ ۽ عظيم سنڌو تھذيب کي ميسارڻ جا منصوبا جوڙي رھيو آھي. پنجاب 1859ع کان وٺي سنڌو جو پاڻي ڇوري ڪري رھيو آھي، وڌيڪ ڪئنال ڪڍي سنڌو تھذيب جو وجود ختم ڪرڻ چاھن ٿا، 1945ع واري پاڻي ٺاھه تحت پنجاب سنڌ جي مرضي کانسواءِ پاڻي جو ھڪ ڦڙو به نه کڻي سگھي. پنجاب سنڌو تي 50 ڪئنال ، 9 ڊيم ٺاھي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا ، ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي ھڪ ڪروڙ 60 لک آباد زمين گھٽجي 70 لک ايڪڙ بچي آھي. عالمي قانون مطابق درياءَ تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي، سنڌ پڇڙي ۾ آھي ان ڪري سنڌو جي پاڻي تي پھريون حق سنڌين جو آھي. سنڌو جا وارث سنڌي آھن. پنجاب طرفان سنڌو درياءَ مان چولستان سميت 6 ڪئنال ڪڍي رھيو آھي، سنڌو جو پاڻي انھن ڪئنالن ۾ وھائي ان سان پنجاب پنھنجي 66 لک ايڪڙ زمين غير آباد زمين آباد ڪندو ۽ سنڌ جي 66 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي ويندي. ارسا ڪئنالن جي لاءِ پاڻي فراھمي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو ، اسان تڪراري ايڪٽ کي قبول نه ٿا ڪريون. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ جي ڪري سمنڊ روزانو 95 ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي، ڪجھھ ئي سالن ۾ انڊس ڊيلٽا ختم ٿي ويندي، حڪومت جي فيصلن سان ۽ منصوبن سان سنڌ جي عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.ھن چيو ته گرين پاڪستان انيشئيٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ 92 لک ايڪڙ زمين پرڏيھي ڪمپنين کي ڏني ويندي ، ان ۾ سنڌ جي 52 لک ايڪڙ زمين ڪمپني سرڪار کي ڏني پئي وڃي، اھا زمين خيرپور، ٿرپارڪر، دادو، ٺٽو، بدين، ميرپور خاص ۽ ٻين ضلعن ۾ ڏني ويندي، نقشا ٺھي ۽ ماپون ٿي چڪيون آھن ، اتان جي قديمي رھواسين کي نيڪالي جا نوٽيس ڏنا ويا آھن.ڪيترائي قديمي ڳوٺ، ماڳ ، مڪان، عبادتگاھون، قديمي آثار ۽ سياسحت جا ماڳ اچي وڃن ٿا. جسقم چيئرمين جو چوڻ ھو ته سنڌ ۾ رٿابندي سان افغاني باشندن ۽ ٻين ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، آمر ضياءَ ۽ جنرل ايوب ڌاري آباد ڪاري کي ھٿي ڏني، ھر ڏھين سال واري آدمشماري ۾ رنڊڪون ، ھٿ وٺي سنڌ جي ڊيموگرافي ۽ آباديءَ کي ھي ھيٺ مٿي ڪري ، انگن اکرن ۾ ھير ڦير ڪئي وئي آھي، ڌارين کي 52 ۽ ڌرتي ڌڻي سنڌين کي 48 سيڪڙو ڏيکاري اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آھي. گئس، تيل، ڪوئلو ۽ ٻيا معدني وسيلا ، سامونڊي بندر سنڌ جي ملڪيت آھن، پنجاب سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري رھيو آھي. اسلم خيرپوري چيو ته مذھبي انتھاپسندي جي ذريعي سنڌ جي رواداري ۽ سيڪيولر کي تباھه ڪرڻ لاءِ مدرسا ۽ مذھبي جنونيت جا ادارا ٺاھيا پيا وڃن، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي شھادت جھڙا سرڪاري ۽ پوليس جي مدد سان واقعا ڪرائي سنڌ ۾ طالبانائيزيشن ۽ مذھبي انتھاپسندي کي واڌيو پيو وڃي. اسلم خيرپوري پنھنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي آجپي ۽ حقن جي ڳالھ ڪرڻ تي مقصود قريشي ، سلمان وڌو ، سرائي قربان ، مظفر ڀٽو ۽ ٻين کي شھيد ڪري سندن چچريل لاش ڏنا ويا، سوين قومي ڪارڪنن ، ايوب ڪانڌڙو، سھيل رضا ڀٽي، انصاف دايو، مرتضيٰ جوڻيجو، سرويچ نوھاڻي، پٺاڻ خان زھراڻي، بلاول چانڊيو، اعجاز ڳاھو، ڊاڪتر فتح محمد کوسو، ڪاشف ٽڳڙ ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ڪيترن ئي سالن کان عقوبت خانن ۾ باندي بڻيل آھن. جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ جي خودمختياري تي حملو ڪيو پيو وڃي، ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي سازش ٿي رھي آھي، وفاقي جماعتن مان ڪائي بھتري جي اميد ناھي، اھڙي صورتحال ۾ سنڌين وٽ سيد جي فڪر کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه آھي. قومي حقن ۽ آجپي لاءِ مزاحمت نه ڪئي ته فلسطينين جھڙو حشر ٿيندو.
شاهراهه فيصل تي رنڊڪون وجهڻ تي چڪريون، شيلنگ
ڪراچي: جسقم آريسر جو لانگ مارچ شاھراھ فيصل ريڊ زون ۾ پھچڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪار روڊ تي رنڊڪون بيھاري ڇڏيون، رستو بند ڪرڻ تي چڪريون ٿيون، اھلڪارن ۽ ڪارڪنن ھڪٻئي تي لٺين ، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنھن جي ڪري ريڊ زون جو علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. پوليس آفيسر سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
جسقم، ايس يو پي، جسم، قومي پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا
ڪراچي(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي مارچ ۾ جسقم، ايس يو پي، جيئي سنڌ محاذ ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پهتا. جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، جسقم (بشير خان ) جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جو سربراھ نواز خان زنئور،جيئي سنڌ محاذ جو جنرل سيڪريٽري سنڌي امداد ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ جڳديش آھوجا، جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جو نائب صدر دودو ديشي ، رواداري تحريڪ جوصدر پنھل لاڙڪ، سنڌ سجاڳي فورم جو اڳواڻ محب آزاد، سيد منير حيدر شاھ، ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي، غازي خان پنھيار ، شاعر مھر ڊٻائي، ڪراچي بار ايسوسئيشن جو اڳواڻ رحمٰن ڪورائي ايڊوڪيٽ ، وائيس فار مسنگ پرسنز سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار ، سورٺ سنڌو ، قومي دانشور تاج جويو شرڪت ڪئي. مارچ ۾ قومپرست سياسي تنظيمن جا اڳواڻ ، انساني حقن جا پرچارڪ ، دانشور ، اديب ، پيرسن ، نوجوان ، عورتون ،ٻارڙا ، شاگرد ، ھاري مزدور وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا.
وڪيلن ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران مارچ قافلي جي آجيان
ڪراچي: جسقم آريسر جي مارچ جي وک وک تي آجيان ڪئي وئي. ڪراچي بار جي اڳواڻ رحمان ڪورائي، محمد خان شيخ، خليل انصاري، عاقب راڄپر ۽ ٻين آجيان ڪئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ابراهيم حيدري جي لڄپت راءِ، فقير سنڌي، مرتضيٰ کوکر، منصور کوکر، سارنگ زين، وسيم گبول ۽ ٻين به شاهراهه فيصل تي قافلي تي گل ورکا ڪئي.