دبئي (م ڊ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي پنجين ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستاني ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، ۽ سڄي ٽيم 241 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن سان ڀارت کي کٽڻ لاءِ 242 رنسن جو هدف ڏنو ويو. ڀارتي ٽيم شاندار شروعات ڪئي ۽ ويرات ڪوهلي جي شاندار سينچري جي ڪري 42.3 اوورن ۾ هدف حاصل ڪيو. پاڪستان ڀارت خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. بابراعظم 23 رنز، امام الحق 10، محمد رضوان 46، سعود شڪيل 62، طيب طاهر 4، سلمان آغا 19، شاهين آفريدي ٻڙي تي آئوٽ ٿيو. نسيم شاهه 14، خوشدل شاهه 38، حارث رئوف 8 رنز ٺاهيون. ڀارت لاءِ ڪلديپ ياديو 3 وڪيٽون، هاردڪ پانڊيا 2 هرشت رانا، اڪشر پٽيل ۽ ويندرا جڊيجا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.