پنجاب ٻڌائي تھ نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ سڄاڻ ڌريون

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا ) جي سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي مسئلي تي ڪالهه سگا جي مرڪزي آفيس ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ آبپاشي، قانوني،آئيني ماھرن، دانشورن ۽ سڄاڻ ڌرين وفاق طرفان سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنالن سميت سمورا تڪراري منصوبا رد ڪري ڇڏيا،پاڻي ڪيس تيار ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل،آئيني ۽ قانوني ماھرن جو ڪميٽيون قائم ڪرڻ 6 ڪئنالن جي اڏاوت جو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي اڏاوتي ڪم بند ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينون ڪمپنين کي الاٽمينٽ فوري طور تي بند ڪرڻ جا ٺھراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪندي تڪراري منصوبن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ ، عوامي بيداري لاءِ مختلف ٻولين ۾ ياداشت نامو ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ويو،سيمينار جي صدارت سگا جي صدر رفيق احمد جعفري ڪئي، خاص مھمان آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري انجنيئر خالد حيدر ميمڻ، محقق اديب پروفيسر اعجاز قريشي، دانشور امان الله شيخ هو، جڏهن ته اڳوڻو سيڪريٽري عبدالرحيم سومرو، ايڊوڪيٽ اي بي لاشاري، وڪيل اڳواڻ امجد علي شابراڻي سميت سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري انجنيئر خالد حيدر ميمڻ پاڻي تڪرار جي پسمنظر تي تفصيلي روشني وجھندي چيو تھ سنڌ پڇڙي ۾ ھجڻ جي ڪري سنڌو درياءَ تي پھريون حق سنڌ جي عوام جو آھي، پنجاب درياءَ مٿان تربيلا ڊيم، منگلا ڊيم ٺاھي چڪو آھي، ڀاشا ڊيم تي ڪم جاري آھي، جڏھن تھ ڪالا باغ ڊيم جو مامرو بھ ھلي رھيو آھي، اھو بھ ڪڏھن نھ ڪڏھن ٺاھي ويندا، ڪئنالن وارو مامرو تنھن کانسواءِ آھي، پنجاب سنڌو تي چشما جھلم لنڪ ڪئنال،ٿل ڪئنال،ستلج ويلي،ريڻي ڪئنال،ڪڇي ڪئنال،چولستان ڪئنال ۽ ٻيا ڪئنال منصوبا جوڙي وڏو وسيع نيٽ ورڪ جوڙي رھيو آھي، پنجاب سمورن معاھدن ، انڊس واٽر ٽريٽي، ڪميشنز ، ڪميٽين جي رپورٽن جي باوجود مسلسل زيادتي ڪندو رھيو آھي، سنڌ جي مرضي کانسواءِ ڳجھھ ڳوھھ ۾ منصوبن تي ڪم ڪيو ويو آھي، مختلف طريقن سان پاڻي چوري ٿي رھيو آھي،ھن چيو تھ ارسا ۾ نمائندگي جو عدم توازن پنجاب جي ھڪ ھٽي جو ڪارڻ آھي، پنجاب مٿان کان ڪوڙيون ڊسچارج ڏيکاري اسان ڏي شيٽ موڪلي ٿو ، اسان وٽ پاڻي جي رسد ۽ ورڇ ماپڻ وارو نظام نھ ھجڻ ڪري پنجاب پنھنجي من ماني ڪندو رھي ٿو، خالد حيدر ميمڻ چيو تھ 1991ع پاڻي ٺاھھ جي پيرا چار تحت ڪئنال تڏھن ئي ٺاھي سگھجن ٿا جڏھن درياءَ ۾ اضافي پاڻي ھجي پر اسان وٽ ايترو پاڻي آھي ئي نھ جو ڪئنالن ٺاھيون ،پنجاب ٻڌائي تھ نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ظاھر تھ ھو درياءَ مان سنڌ جي حصو جو پاڻي کڻي ويندا۽ سنڌ ۾ ويتر پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي. پنجاب ٽي درياءَ جن ۾ بياس ، ستلج ۽ راوي انڊيا کي وڪرو ڪري ڇڏيا، انکانسواءِ انڊيا سنڌو، چناب ۽ راوي درياءَ مان بھ 20 سيڪڙو پاڻي کڻي وڃي ٿو ، ان مامري جي بھ جاچ ٿيڻ گھرجي .ھن رٿ ڏني تھ سنڌ سرڪار ھر سال سانوڻي کان پوءِ پاڻي جي سروي ڪرائي وفاق کي اماڻي. پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم کي فعال بڻايو وڃي ۽ ھر پوائنٽ تي مانيٽرنگ ڪئي وڃي،دانشور، محقق اديب پروفيسر اعجاز احمد قريشي چيو تھ پنجاب ڳجھھ ڳوھھ ۾ پنھنجا من پسند تڪراري فيصلا مڙھي رھيو آھي، وزيراعظم جي خاموشي سمجھھ کان ٻاھر آھي. سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنالن جي اڏاوت ۽ سنڌ جون زمينون ڪمپينين کي الاٽ ڪرڻ جو فوري طورتي نوٽيس وٺڻ گھرجي،اعجاز قريشي خبردار ڪندي چيو تھ سنڌ کي خطرناڪ بحران سامھون آھي، سنڌي سجاڳ نھ ٿيا تھ پاڻي تي ڌاڙو لڳي ويندو ، جنھن جي نتيجي ۾ معاشي ۽ اقتصادي طورتي تباھي ايندي، سنڌو درياءَ ۽ زمينون بچائڻ جي لاءِ سمورين سڄاڻ ڌرين کي پنھنجو گھربل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، گھر گھر وڃي ماڻھن کي بيدار ڪرڻ جي ضرورت آھي،هن چيو ته اي اين جي عباسي جنرل مشرف کي چيلينج ڪيو ۽ ڪالا باغ ڊيم خلاف سخت مزاحمت ڪئي، پنجاب پيار محبت واري ٻولي نھ ٿو سمجھي ، ھاڻي ڏاڍ جو جواب ڏاڍ سان ڏيڻ جو وقت آھي ، اسان جنگ نھ ٿا چاھيون پر پاڻي سنڌين جي موت ۽ زندگي جو مامرو آھي ان تي خاموش نھ رھنداسين، سگا جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو تھ پنجاب پنھنجي مرضي سان سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻندو رھيو آھي، 6 ڪئنالن جو ڪم روڪرائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وڃي، عدالت کان اسٽي آرڊر وٺي ڪنھن ٽين ڌر کان پاڻي جي سروي ڪرائي وڃي، اسان پاڻي ورڇ جو انصاف ڀريو فارمولا چاھيون ٿا. ھن چيو تھ ڪئنالن واري مامري تي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي، پر پاڻي ڪيس کي سنڌ کان ٻاھر کڻي وڃڻو پوندو، سگا جي طرفان ھڪ ٽيڪنيڪل ميمو رينڊم ٺاھيو وڃي، تھ مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙن تائين آواز پھچي، اسان کي ھر ماڻھو سان رجوع ڪرڻو پوندو،سگا جي چيئرمين رفيق احمد جعفري خطاب ڪندي چيو تھ پاڻي جي مامري تي ٽيڪنيڪل ۽ پاڻي ماھرن جون ڪميٽيون قائم ڪيون آھي،ليگل ڪميٽي بھ قانوني ۽ آئيني ماھرن سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آھي،ماھرن جي صلاح مشوري کانپوءِ سنڌ جو ڪيس تيار ڪري جدوجھد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو،ھن چيو تھ پاڻي ڪيس سنڌ کان ٻاھر اسلام آباد ، لاھور ۽ ٻين صوبن ۾کنيو ويندو، پاڻي تي ڪانفرنسون ڪري ڏيھي ۽ عالمي ميڊيا جو ڌيان ڇڪايو ويندو،اسان چاھيون ٿا تھ سنڌو درياءَ مٿان تڪراري منصوبا فوري طورتي رد ڪندي سنڌ کي پنھنجي حصو جو پاڻي ۽ ارسا ۾ برابري جي بنياد تي نمائندگي ڏني وڃي. نامياري دانشور امان الله شيخ خطاب ڪندي چيو تھ پاڻي تڪرار سياسي مامرو آھي ان تي جذباتي ٿيڻ جي بدران ان کي سياسي طورتي ڏٺو وڃي، ڇاڪاڻ تھ پاڻي ڪيس ملڪي سلامتي جو مامرو آھي، ان جي حل لاءِ اسلام آباد ۽ ٻين صوبن جي سڄاڻ ڌرين سان ملاقاتون ڪري اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي، جاگيردارن ھميشھ سنڌ جي مفادن تي سوديبازي ڪئي آھي، سنڌي ملڪ جي مالڪي لاءِ اڳتي اچن. ھن چيو تھ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون ڪمپنين کي الاٽ ڪرڻ وارو ڪم شروع ٿي چڪو آھي، ھاڻ مڊل ڪلاس کي اڳتي اچي جاءِ وٺڻي پوندي.اڳوڻي سيڪريٽري عبدالرحيم سومرو خطاب ڪندي چيو تھ پنجاب ڪنھن بھ قانون ۽ دليل کي مڃڻ لاءِ تيار نھ آھي، جڙتو ٿري ٽيئر فارمولا تحت سنڌ جي پاڻي تي راتاھو لڳايو ويو،اسان وٽ پاڻي ورڇ جا درست انگ اکر موجود ناھن،ان حوالي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي،ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي ميمبر مئنيجنگ ڪميٽي ايڊوڪيٽ امجد علي شابراڻي خطاب ڪندي چيو تھ وڪيل برادري پھرين ڏينھن کان  غير قانوني ۽ غير آئيني فيصلن خلاف احتجاج ڪري رھي آھي، جبري طورتي مڙھيل فصلن جي خلاف گرينڊ ڌرڻو ھنيو ويندو،سگا ڪراچي جي صدر ايڊوڪيٽ اي بي لاشاري چيو تھ  پاڻي مامري تي ٽيڪنيڪل ڪميٽي قانوني ماھرن سان گڏجي ڪيس تيار ڪري رھي آھي، ڪراچي بار ۽ سنڌ بار ايسوسيئيشن جا نمائندا ھتي موجود آھن، اسان سمورين ڌرين وٽ وينداسين،اسان عدالت سان بھ رجوع ڪري رھيا آھيون. بخش علي لاکي پاڻي مامري تي تفصيلي مقالو پيش ڪندي چيو تھ پنجاب زبردستي ڪري رھيو آھي، چشما جھلم ۽ ٻيا ڪئنال ۽ ڊيم ٺھي ويا ، ھي 6 ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم بھ ٺاھي وٺندا .  ھن چيو تھ پنجاب جون ارھھ زورايون 1921ع کان جاري آھن، ھن چيو تھ سنڌ سان صلاح مشوري کانسواءَ ، بنا اجازت جي مرضي جا فيصلا مڙھيا پيا وڃن ، آخر ۾ ولي محمد روشن ٺھراءُ پيش ڪيو تھ سنڌ درياءَ تي تڪراري 6 ڪئنالن جي اڏاوت جو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي ڪئنالن جو اڏاوتي ڪم بند ڪيو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن ڪمپنين کي الاٽمينٽ فوري طور تي بند ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سگا طرفان مامرو اعليٰ آڏو کنيو ويندو. شرڪت ڪندڙ ٺھراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.