ڪيس ۾ مارشا ۽ انجلينا کانپوءِ زوما جو نالو سامهون اچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مصطفيٰ عامر جي اغوا ۽ قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر اهم انڪشاف  ڪيا. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته واقعي واري هنڌان قالين تي مليل رت جي نموني جو ڊي اين اي ڪيس ۾ فريادي جي ڊي اين اي سان ملي ٿو، جڏهن ته ٻيو نمونو هڪ اڻڄاتل عورت جو آهي. پڇا ڳاڇا دوران، جوابدارن ٻڌايو ته زوما نالي هڪ ڇوڪري کي به واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ ساڳئي ڪمري ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. زوما جي ڳولا لاءِ جوابدارن جي نشاندهي ضروري آهي جيئن ان جو بلڊ سيمپل وٺي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪري سگهجي. ان کان اڳ ڪيس ۾ مارشا ۽ انجلينا نالي ٻن نارين جا نالا به سامهون اچي چڪا آهن. جاچ دوران اها ڳالهه به سامهون آئي ته جوابدار ارمغان بوٽ بيسن، ڪلفٽن، درخشان ۽ ساحل پوليس اسٽيشنن ۾ داخل ڪيسن ۾ اشتهاري آهي. انهن ڪيسن ۾ به جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. جاچ آفيسر موجب ارمغان هڪ غير قانوني ڪال سينٽر ۽ ويئر هائوس هلائي رهيو هو. ارمغان ۽ ساٿين نعمان ۽ ٻين کي ڳولڻو آهي. ارمغان کان مني لانڊرنگ جي به جاچ ڪرڻي آهي.

  • ارمغان جي انجلينا سان غيراخلاقي حرڪت ۽ ڪيلي وارو ايموجي!

اوٽاوا (حنيف دوامي) مقتول مصطفيٰ عامر جي قتل جو هڪ نئون رخ سامهون آيو، جتي واٽس ايپ تي موڪليل هڪ سادي ايموجي  کيس زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏيو. پوليس ذريعن موجب جوابدار ارمغان ڊفينس فيز ٽو ۾ هڪ پارٽي دوران ڇوڪري انجلينا سان غير اخلاقي حرڪت ڪئي، جنهن تي ڇوڪريءَ ان بابت مقتول مصطفيٰ عامر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڇوڪريءَ ارمغان جي نامرد هجڻ جو طعنو ڏنو. مصطفيٰ عامر ان تي ڀوڳ ڪندي ارمغان کي واٽس ايپ تي هڪ ڪيلي وارو ايموجي موڪليو، جيڪو جوابدار لاءِ "عزت تي حملو” ثابت ٿيو. انهيءَ طعني تي تپي باهه بڻيل ارمغان قتل جو منصوبو جوڙيو ۽ مصطفيٰ عامر کي بي رحميءَ سان قتل ڪيو. ڪيس واضح هوندي پوليس بدنيتي جو مظاهرو ڪندي ڪارروائي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن تي مقتول جي وارثن ۽ قانوني ماهرن ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ ان جو فائدو جوابدار کي پهچندو.

  • مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن واڌ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان اغوا ۽ قتل ٿيل نوجوان مصطفيٰ عامر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن ارمغان قريشي ۽ شيزار جي جسماني ريمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪئي  وئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جاچ آفيسر 14 ڏينهن جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. جاچ آفيسر عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سيڪشن 164 تحت ارمغان جي ٻن ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪرڻا آهن ۽ ارمغان جي گهر مان مليل هٿيارن ۽ ليپ ٽاپ جي فرانزڪ جاچ پڻ ڪرائڻي آهي. ٻڌڻي دوران جوابدار ارمغان عدالت جي ڪمري ۾ بيهوش ٿي ڪري پيو، کيس هوش ۾ آڻڻ لاءِ پاڻي هنيو ويو. پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته جوابدار هاءِ ڪورٽ ۽ اي ٽي سي ڪورٽ ٽو ۾ ساڳئي طرح ڪري پيو هو، جڏهن جوابدار جو طبي معائنو ٿيو ته هو مڪمل طور تي صحتمند هو. وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت جوابدار ارمغان ۽ شيراز جي جسماني ريمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي ۽ ٻنهي جو طبي معائنو ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

  • ارمغان ڇوڪري جي ڪاوڙجڻ تي چريو ٿي ويو هو: جوابدار شيراز

ڪراچي (م ڊ) مصطفيٰ قتل ڪيس جي شريڪ جوابدار شيراز هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته نئين سال جي رات ارمغان  مصطفيٰ سان ڪاوڙيو هو، مصطفيٰ ۽ ارمغان دوست نه هئا، مصطفيٰ طرفان ارمغان کي منشيات سپلاءِ ڪئي ويندي هئي. مان ارمغان جو لائيف اسٽائل ڏسي متاثر ٿيو هيس، اسان ڪيتريون پارٽيون گڏ ڪيون. ارمغان ننڍپڻ جو دوست هو پر دوستي ختم ٿي وئي هئي، ڪجهه وقت اڳ هو ملڻ آيو هو جنهن کانپوءِ ٻيهر دوستي ٿي هئي. ارمغان ڇوڪري جي ڪاوڙجڻ تي چريو ٿي ويو هو جنهن تي هن مصطفيٰ کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.