ڪراچي (رپورٽر) حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي جي سربراھه پير پاڳاري چيو آھي سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن جي اڏاوت ملڪ جي بقا جو مسئلو آھي، ان قدم خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين، انهن مسئلن تي اسان جي ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان وچ ۾ ذھني ھم آهنگي آھي، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل جماعتن سنڌو درياهه تي ڇهه نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف جي ڊي اي جي مؤقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ھجڻ گھرجي، ان ۾ ملڪ ۽ ادارن جي مضبوطي آھي، اها ڳالهه هن اپوزيشن وفد سان راجا ھائوس ڪراچي ۾ ملاقات دوران چئي، ڪالھه اپوزيشن اتحاد ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان اپوزيشن جي وفد راجا ھاؤس پھچي پير پاڳاري سميت جي ڊي اي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، اپوزيشن جي وفد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر، سلمان اڪرم راجه، سردار لطيف کوسو، محمود خان اچڪزئي، ناصر شيرازي، حامد رضا، ساجد ترين، حليم عادل شيخ ۽ ٻيا شامل هئا، ملاقات ۾ پير صاحب پاڳاري کانسواءِ سيد صدر الدين شاھ راشدي، ڊاڪٽر صفدر عباسي، ڊاڪٽر فھميدا مرزا، لياقت جتوئي، سيد زين شاھ، سردار عبدالرحيم، ذوالفقار مرزا، سيد محمد راشد شاھ، عرفان الله مروت، معظم عباسي، سائرہ بانو، حسنين مرزا ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا، ملاقات ۾ حڪومت خلاف گرينڊ الائنس ٺاهڻ تي صلاح مشورا ڪيا ويا، ملاقات بعد ۾ صحافين سان ڳالھائيندي سيد صدرالدين شاھه راشدي چيو آھي ملاقات دوران پير صاحب پاڳاري چيو ته انھن دوستن سان سنڌ ۽ وفاق جي مسئلن تي اسان جي ذھني ھڪجھڙائي آھي، اسان جي سمورن مسئلن تي کليل نموني ڳالھه ٻولھه ٿي آھي، تحريڪ تحفظ پاڪستان جي دوستن مسئلن تي آگاھي ڏني، 26 ۽ 27 فيبروري تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي دعوت ڏني، جي ڊي اي پاران مشاورت کانپوءِ انھن کي پنھنجي ايندڙ لائمل کان آگاھ ڏني ويندي، آئين ٽڪراءَ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي، اسان جي خواهش آھي ته پاڪستان مضبوط ٿئي، آئين جي بالادستي ھجي، ھن چيو ته 26 هين آئيني ترميم پيڪا ايڪٽ ۽ سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ جي مسئلن تي به ڳالھه ٻولھه ٿي آھي، ڊاڪٽر فھميدا مرزا چيو ته هي پاڪستان جو مسئلو آھي، وڏيون ڏکيائيون آھن، بلوچستان سڙي پيو، سنڌ ۾ وڏا مسئلا آھن، پاڻي جي حوالي سان احتجاج ٿين پيا، ھر ماڻھو احتجاج ۾ شامل آھي، پيڪا قانون ۽ 26 آئيني ترميم وڏا مسئلا آھن، عوام کي گڏجي جدوجھد ڪرڻي پوندي، جھموريت لاءِ سنڌ سدائين جدوجھد ڪئي آهي، پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، پاڻي جو مسئلو سي سي آءِ ۾ اٿارڻ بدران خبر ناھي ته ڪٿي ٿا فيصلا ٿين ٿا، پير صاحب پاڳارو پاڻي ۽ آئين جي حوالي سان ڪميٽيون ٺاھيندو، آئين کي نقصان ٿيندو ته عوام جو نقصان ٿيندو، عوام جي نمائنده اسيمبليون ناھن، جي ڊي اي جا اسيمبلي ميمبر اسيمبلي کان ٻاھر آھن، ڪميٽيون ايندڙ لائمل جوڙينديون، ان موقعي تي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته حر تحريڪ اسان جي تاريخ جو حصو آھي، شھيد سورھيه بادشاھ کي انگريز سامراج شھيد ڪيو، اسان کي ان جي پوٽي خاطرداري ڪرائي آھي، ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته آئين جي حوالي سان اسان جو موقف واضح آھي، موجوده پارليامينٽ کي عوام جو مينڊيٽ حاصل نه آھي، 26 آئيني ترميم وسيلي عدليه ۽ پيڪا قانون وسيلي صحافت جو قتل ٿيو آھي، پاڻي سنڌ جو اھم مسئلو آھي ، سنڌ ۾ احتجاج ٿي رھيا آھن، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان جو مقصد عوام جو آواز اٿارڻ آھي، ملڪ ۾ ظلم ۽ جبر جو نظام ھلي پيو، اليڪشن چوري ڪئي وئي، اسين عوام جي حقن جي جنگ وڙھون پيا، اسان ھر دروازي تي دستڪ ڏينداسين، اسان ڪنھن ٿرڊ امپائر طرف نه پيا ڏسون، عمران خان فيصلا ڪندو، اسد قيصر چيو ته قومي ايجنڊا تحت سموري اپوزيشن کي گڏ ڪري سوچينداسين ته پاڪستان کي ڪئين بچائجي، عدالتون يرغمال بڻجي ويون آھن، آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ عوام کي اٿڻو پوندو، پيپلز پارٽي ذوالفقار علي ڀُٽو جي پارٽي ناھي، ان جي خالق جيڪو آئين ٺاھيو ھو ان کي سندس ڏوھٽي دفن ڪري ڇڏيو، اسان آئين جي بالادستي چاھيون ٿا، ادارن کي پنھنجن حدن ۾ رھي ڪم ڪرڻو پوندو، اتحاد جي حوالي سان اتفاق ٿي ويو آهي، عمران خان جيل ۾ آھي اسان جي ماڻھن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ انتقامي ڪارروايون جاري آھن، اسين سنڌ جي ھارين سان گڏ بيٺل آھيون، سنڌ جو پاڻي ڪنھن کي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين، آءِ ايم ايف سان گڏجاڻي نه ٿي آھي پر خط ضرور لکيو آھي.