سڄي سنڌ ۾ قبضا، ڏاڍ ۽ زبردستي هلي رهي آهي: سائره بانو

نوشھرو فيروز / مورو (نمائندا) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي سائره بانو ڪليم الله وساڻ نوان جتوئي پهچي مرتضيٰ جتوئي جي گهر واريءِ نوين جتوئي سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، سائره بانو وساڻ نوين جتوئي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي، پيپلزپارٽي هاڻي قبضا مافيا جي پارٽي ٿي چڪي آهي، پوري سنڌ ۾ قبضا ڏاڍ ۽ زبردستي هلي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت جتوئي برادري جي زمينن تي قبضا ڪرڻ چاهي ٿي، انهي ڪري ڪارروايون ٿي رهيون آهن، مونکي ته افسوس ٿو ٿئي هن پوليس تي، جنهن 70 سالن جي پيرسن تي ڦر جو ڪيس داخل ڪري پوليس جي ڪردار تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.