آئيس نشي خلاف جدوجھد ھلائڻي پوندي جيئن ڪو ٻيو آڪاش کسجي نه سگھي: بدين ۾ ميڙاڪو

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) ايوان صحافت بدين ھال ۾ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن بدين ۽ ايوان صحافت پاران ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي حوالي سان تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر طفيل چانڊيو،  نقاش علواڻي، امير ازاد، ڊاڪٽر علم الدين انصاري، عبدالله ملاح، ھارون گوپانگ، خادم ٽالپر، مير بليدي، الھڏنو ملاح، قرب علي انصاري، آپا حميده خاصخيلي، پارس شاھ، بختاور جمالي، فيض اڍيجو سميت وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مقررن خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو بي وقتائتي موت تي پوري سنڌ ڏکاري آھي، سندس پيدا ٿيل خال پورو ٿيڻ تمام ڏکيو آھي،ھن جي شاعري اتساھ پيدا ڪري ٿي، سنڌ لاءِ جدوجھد جون جيڪي به تحريڪون ھليون تنھن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رھيو، ھن وقت جڏھن سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف ھلندڙ تحريڪن  دوران سندس سگھاري آواز سميت سندس شاعري جي کوٽ محسوس ٿي رھي آھي، ڊاڪٽر پروفيسر طفيل چانڊيو چيو ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جو سرعام استعمال ٿي رھيو آھي، انھي آئيس جي نشي اسان کان آڪاش کسي ورتو آھي، اسان کي ھاڻي آئيس خلاف جدوجھد ھلائڻي پوندي جيئن ھاڻي ڪو ٻيو آڪاش کسجي نه سگھي، ان موقعي نئين ٽھي جي فنڪارن بالاچ حيدري، ڪريم ڪڇي ڊاڪٽر آڪاش جي شاعري، ۾ گيت ڳائي ماحول سوڳوار بنائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.