اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سينيٽ ۾ پاليسي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته يوٽيليٽي اسٽورن کي بند نه ڪيو ويندو، پر ان جي نظام کي بهتر بڻائي خانگايو ويندو.
سرڪاري ملازمن جي احتجاج جو معاملو به سينيٽ پهچي ويو، جتي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ معاملي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
سينيٽ جو اجلاس پريزائيڊنگ آفيسر عرفان صديقي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پيپلزپارٽي جي سينيٽرن شهادت اعواڻ ۽ شيري رحمان سرڪاري ملازمن جي ٻن ڏينهن کان جاري احتجاج وارو معاملو ايوان ۾ اٿاريو.
قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته ناڻي وارو وزير ملازمن سان ڳالهين ۾ رڌل آهي، سندن ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون پر بليڪ ميلنگ نه ٿينداسين.
صنعت ۽ پيداوار واري وزير راڻا تنوير حسين يوٽيليٽي اسٽورن بابت بيان ڏيندي چيو ته اسٽورن کي بند نه ڪيو ويندو، پر نجڪاري لاءِ سڌارا آندا پيا وڃن.
ٻئي پاسي مخالف ڌر سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان جي رويي خلاف اجلاس جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻ شبلي فراز معاملي تي سخت تنقيد ڪئي.
اجلاس دوران نيپرا انتظاميا طرفان ڪابينا جي منظوري کانسواءِ پگهارون وڌائڻ جو معاملو به بحث هيٺ آيو.
پريزائڊنگ آفيسر عرفان صديقي بلوچستان ۾ پنجاب جي 7 شهرين جي قتل کي بلوچستان ۽ پنجاب جي وچ ۾ نفرت جو سبب بڻجڻ بدران دهشتگردي قرار ڏنو ۽ واضح ڪيو ته پنجاب ۽ بلوچستان وچ ۾ ڪا به نفرت نه آهي.
ايجنڊا ۾ شامل معمول جي ٻي ڪارروائي کانپوءِ اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.
You might also like