اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا پاڪستاني گوشت کي عالمي مارڪيٽ ۾ تسليم ڪندي، ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستان جي گهٽ قيمتي گوشت کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
انڊونيشيا پاڪستان کان هڪ لک ميٽرڪ ٽن ڳئون جو گوشت درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. انڊونيشيا جي نيشنل فوڊ ايجنسي جي سربراهه پاڪستاني گوشت جي خريداري جي تصديق ڪري ڇڏي.
هلندڙ سال انڊونيشيا جو هڪ لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڳائو ۽ هڪ لک ميٽرڪ ٽن مينهن جو گوشت درآمد ڪرڻ جو حدف آهي.
ڀارت کان پوءِ انڊونيشيا جي لاءِ پاڪستاني گوشت سان برآمدات ۾ اضافو ٿيندو، گهٽ قيمت هجڻ سبب پاڪستان انڊونيشيا جي پهرين ترجيح بڻجي ويو آهي.
گوشت جي برآمد سان پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ جي اميد آهي، جڏهن ته ان سان ملڪ جي معيشت کي به هٿي ملندي.
You might also like