” پيٽرول مهانگو ٿيندو“ پاڪستان پيٽروليم ايسوسيئيشن جو چتاءُ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نمائندن جو چوڻ آهي ته ڊي ريگوليشن ٿيڻ سان ڪراچي کان اتر تائين پيٽرول مهانگو ٿيندو ان ڪري ڊي ريگوليشن اسان کي منظور نه آهي.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪوآرڊينيٽر راجا وسيم چيو ته مصديق ملڪ جي بيان جي حوالي سان اسان اڄ وضاحت ڪنداسين، اسان مصدق ملڪ کي خط لکيا پر جواب نه ڏنو ويو.
هنن چيو ته 13 کان 14 هزار پيٽرول پمپ آهن، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت اسان سان ويهي ۽ ليوي ختم ڪري ته جئين عوام کي رليف ملي، عوام کي 60 رپيا پيٽرول سستو ملڻ گهرجي.
راجا وسيم چيو ته حڪومت اسان کي روڊ ميپ نه ڏنو ته ڪاروبار بند ٿي ويندو، هر پمپ تي هزارين ملازم آهن اسان جو ڪم متاثر ٿي رهيو آهي، ڳالهين جا رستا اسان بند ناهن ڪيا.
اتر ريجن جي صدر چوڌري ظفر چيو آهي ته وفاقي وزير اسان کي ڪو به روڊ ميپ ناهي ڏنو ۽ نه ئي رستن جي بندش بابت اطلاع ڏنو ويو. ڪراچي جي مقابلي ۾ راولپنڊي ۾ پيٽرول جي قيمت 15 رپيا وڌيڪ ٿي وئي.
هنن چيو ته ليوي جي اڄ تائين خبر ناهي پئي ته ان جي پئسن سان ڪهڙو فائدو ٿيو، ڊويلپمنٽ ڪري ڪهڙا پراجيڪٽ ڪيا ويا اسان کي ٻڌايو وڃي، ليوي خلاف ميڊيا به اسان جو ساٿ ڏئي.
چوڌري ظفر چيو هو ته 8 رپيا 64 پئسا اسان جو مارجن آهي جڏهن ته ڪراس مارجن 5 ليٽر آهي، جيڪا مشين پيٽرول وجهي ٿي اها اڄ کان ڪجهه سال اڳ 14 لکن جي هئي ۽ هاڻي ٽيڪسز بعد قميت 47 لک آهي. حڪومت ٽيڪس وڌائي ڇڏيا ۽ اسان جون مشڪلاتون به وڌي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.