پي ٽي آءِ سينيٽرن جي معطلي واري ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ رد ڪري ڇڏي، استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سينيٽرن پنهنجن ميمبرن جي معطلي واري معاملي تي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي رولنگ کي رد ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر کان استعيفيٰ ڏيڻ ۽ اپوزيشن سينيٽرن کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر رولنگ ڏيندي چيو ته مخالف ڌر جي ٽن سينيٽرن گٿن لفظن جو استعمال ڪري ايوان جو تقدس پائمال ڪيو، سندن رويو ايوان جي اصولن مطابق نه هو.
هن وڌيڪ چيو ته معطلي جو اختيار هجڻ باوجود معاملو اپوزيشن ليڊر ۽ قائد ايوان تي ڇڏيون ٿا.
سينيٽر شبلي فراز جو چوڻ هو ته سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين غيرجانبدار رهڻ بدران هڪ ڌر بڻجي وڃي ٿو، جڏهن رٿ تي ڳڻپ جو نتيجو حڪومت جي خلاف آيو ته نتيجو روڪيو ويو.
هن ڊپٽي چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته ڳڻپ جو نتيجي جو فوري طور اعلان ڪري ۽ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.