اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ڪيس ۾ نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن کان لکت ۾ جواب گهري ورتو.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جي حق بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن کان لکت ۾ جواب گهري ورتو.
عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي اوورسيز ووٽنگ جي لاءِ هاڻي تائين ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن ٻن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائي.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 35 تڪن ۾ اي ووٽنگ ڪرائي وئي ۽ ان جي رپورٽ سينيٽ ڪميٽي ۾ جمع ڪرائي چڪا آهيون.
ڊائريٽر آئي ٽي چيو ته پائلٽ پراجيڪٽ انڊيا، اسرائيل ۽ فلپائن مان هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هر اوور سيز پاڪستاني کي پهچ ڏيڻ سان هيڪنگ جو خطرو وڌي ويندو آهي. ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اي ووٽنگ نظام تي سنجيده حملو ڪيو ويو وڏي پئماني تي اي ووٽنگ سان هيڪنگ جو وڏو خطرو آهي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اي ووٽنگ کان ايترو خطرو ڇو آهي؟ ايترو خطرو آهي ته فائر وال ڇا ڪندي آهي؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب ڏنو ته اي ووٽنگ کي ته سڀني سينيٽرز نه ڪرائڻ جو چيو. اي ووٽنگ بڻائڻ جي لاءِ عالمي ماهرن جون خدمتون ورتيون ويون هيون. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن هيڪنگ ٿي رهي آهي ته پوءِ پورو نظام خطري ۾ آهي. اڄ ڪلهه ته سڀ ڪجهه نيٽ تي ئي هلي ٿو.
عمران خان جي وڪيل چيو ته اسان کي اليڪشن ڪميشن تي اعتماد نه آهي، سمورا اوور سيز پي ٽي آئي جا ووٽرز آهن ان جي ڪري انهن کي ووٽ وجهڻ نٿو ڏنو وڃي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ پارليامينٽ وڃي چڪي توهان به پارليمينٽ وڃو. جيڪڏهن اي سستم ناڪام ٿيو ته سپريم ڪورٽ تي ذمه داري وڌي ويندي.
وڪيل عارف چوڌري چيو ته پارليمان قانون بڻائي چڪي هاڻي ته سپريم ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي. پارليمنٽ کي هلائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
عدالت اليڪشن ڪميشن جي رپورٽس ڌرين کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like