عمران کي ڊيل جي آفر جا افواهه، زميني حقيقتون ابتڙ

اسلام آٻاد(امدادسومرو)پرويزمشرف جيڪا تباهي ڪئي ان کي سنڀاليندي اڃان 10 ورهيه گزريا ته وري عمران خان اچي ويو ۽ هن جيڪا اچي تباهي ڪئي آهي ان کي سنڀاليندي سنڀاليندي وقت لڳي ويندو، ڪا به پرڏيهي پاليسي نه هئي ڪو به دوست ملڪ گڏ نه رهيو ۽ صنعتون تباه ٿي ويون.ڪجه صحافي ڊيل جون خبرون ته ڏين ٿا پر جيڪڏهن اهڙي صورتحال هئي ته پو3 ڇو گنڊاپور کي پارٽي صدارت تان هٽايو ويو ۽ عمران خان چوندو رهيو ته  بشريِٰ بي بي ڊي چوڪ تي ويهي سهي ڪيو.هاڻي حامد مير ٽوئٽ ڪئي آهي ته اڊيالا جيل ۾ عمران خان جون منٿون ڪيون پيون وڃن ته تنهنجي نا اهلي ٽن مهينن ۾ ختم ڪئي ويندي. تون پاڻ کي تبديل ڪر پر عمران خان انڪار ڪري ڇڏيو آحي.حامد جي مير جي ٽوئٽ کي زميني حقيقتن سان ڀيٽ ڪجي ته معاملو اهڙو لڳي ئي نه ٿو.عمران پهريون 8 سيپٽمبر تي جلسو ڪرايو ،21 سيپٽمبر تي لاهور ۾ جلسو ٿيو علي امين رستي تان فرار ٿي ويو،28 سيپٽمبر تي به جلسي جي ڪال ڏني وئي وري گڻڊاپور راولپڻڊي نه پهتو واپس هليو ويو.انهن احتجاجن جوکڙتيل نه نڪتو ته هن ور يخط لکڻ شروع ڪيا آهن  هوڏانهن آمريڪا ۾ شهباز گل ۽ ذلفي بخاري عمران خان جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آحن. اگر عمران خان کي ڪا آفر ڪئي وئي آهي ته پوءِ عمران خان اهو سلسلو ڇو رکيون پيو اچي.ايتري تائين جو هو چوي ٿو ته مان آرمي چيف کي نه هٽائيندس.سو زمينين حقيقتون ان ڳاله جي ابتڙ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.