قبو سعيد خان ڀرسان ڳوٺاڻو قتل، سندس زال ۽ نوجوان زخمي

شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) قبو سعيد خان ٿاڻي جي حد لنڊي شاخ ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بلوچستانجي ضلعي جھل مگسي جي ڳوٺ زرين آباد جو رهواسي 50 ورهين جو عبدالرزاق مگسي قتل ٿي ويو، جڏهن ته حملي ۾ سندس 45 ورهين جي گھرواري زرينا مگسي ۽ 28 ورهين جو عبدالطيف مگسي به زخمي ٿي پيا، اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مقتول جي لاش ۽ زخمين کي قبو سعيد خان رورل هيلٿ سينٽر کڻائي آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا، پوليس موجب مقتول پنهنجي ڳوٺ کان موٽر سائيڪل تي قبو سعيد خان اچي رهيو هو ته اڳ ئي تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن کيس فائرنگ ڪري قتل ڪيو، واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي تنهن هوندي به وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.