واشنگٽن (امتياز چانڊيو) ولاگر امتياز چانڊيي کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي ايس ايس پي نياز کوسي مصطفيٰ ڪيس بابت سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته جوابدار ارمغان ڇت تي وڃي پوليس تي فائرنگ ڪري رهيو هو، هن ٻن اهلڪارن کي زخمي ڪري وڌو، پوءِ جوابدار جي ماءُ اچي وئي ۽ هن پوليس سان به ڳالهايو ۽ پنهنجي پٽ کي به چيو ته کيس پوليس ڪجهه نه ڪندي هو لهي اچي. ان وقت هو نشي جي حالت ۾ هو کيس اي وي سي سي نيو ويو جتي ڪا پڇا ڳاڇا يا ڪو ميڊيڪل نه ٿيو. اي ٽي سي ڪورٽ جڏهن جوابدار کي نيو ويو ته ان جو پيءُ ڪامران قريشي اڳ ئي جج ذاڪر شاهه جي چيمبر ۾ ويٺو هو. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ارمغان کي رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو پر سندس جسماني رمانڊ نه ڏنو ويو. اهو جوابدار جي ماءُ ۽ ذريعن ٻڌايو آهي. هن ٻڌايو ته ڇاپي دوران ايس ايس پي انيل حيدر جو ڪو پتو نه هو، جڏهن ڊي ايس پي زخمي ٿيو ايس ايس پي کي فون ڪئي وئي ته ان وقت هو شام جو 4 وڳي گهر ننڊ ڪري رهيو هو. ڇاپي دوران پوليس کي جيڪا به قيمتي شئي نظر آئي اهي کڻي ويا جنهن ۾ ليپ ٽاپ، هٿيار ۽ ٻيو سامان هو. ڇاپي دوران جڏهن ون فائيو پوليس پهتي ته اي وي سي سي کين مداخلت ڪرڻ نه ڏني. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ميڊيا جي ادارن پنهنجا آفيسر ورهائي ڇڏيا آهن، پوليس ۽ عدليه ڏوهارين سان هٿ ملائي ڇڏي ته باقي ڇا بچيو. حڪومت کي انهن ٻنهي ادارن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. مصطفيٰ خلاف اي اين ايف جو ڪيس هو، اي اين ايف عدالت مان مصطفيٰ جي ضمانت ۽ گاڏي ڇڏرائي وئي، اڳتي هلي هو ساڳي هلائي رهيو هو، کيس ڇڏيو ويو ته وڃي ساڳي گاڏي ۾ ڌنڌو ڪري. اڳوڻي ايس ايس پي موجب هي ايليٽ ڪلاس جا اهي ڇوڪرا آهن جن کي ڪنهن شئي جو ڊپ ناهي. هنن کي لڳندو آهي ته هنن وٽ پيسو آهي هي هر شئي مينيج ڪري سگهن ٿا. ڏسو هر شئي صحيح ٿي رهي هئي ۽ جيڪڏهن گوڙ نه ٿئي ها ته معاملي دٻجي وڃن ها. جوابدار جيل ڪسٽڊي ۾ هو ۽ سندس ضمانت ٿيڻي هئي. جيڪڏهن سندس ضمانت ٿي وڃي ها ته پوءِ هو لڀي ئي نه ها. مان پوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ لڳائي ته متان وڌيڪ دير ٿي وڃي. مون کي اي وي سي سي جي ذريعي ئي سموري صورتحال بيان ڪئي هئي. ان کان اڳ ڇاپو توڻي جوابدار ارمغان جي جيل ڪسٽڊي سميت ڪجهه به ميڊيا تي نه آيو هو. هر ڳالهه لڪي چڪي هئي. هن چيو ته آءِ جي پوليس کي اهو خيال آيو هو ته اهو ڪيس آءِ بي کان حل ڪرائجي ڇو ته سندن پوليس ۾ ته حال ئي ناهي. آءِ بي هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيس ٽريس ڪري ورتو هو.