ملير( رپورٽ: جميل چانڊيو) اسٽيل ملز جي چئن ماڻهن کي ڏنل زمين بابت بن قاسم جي مختيار ڪار سهيل ميمڻ
جو چوڻ آهي ته ٽن يونيورسٽين کي ڏنل زمين ديهه چوهڙ ۾ هئي. اها زمين 2012ع ۾ ٽن يونيورسٽين کي الاٽ ڪئي وئي پر وقت سر مرحلا طئي نه ٿيڻ سبب اها زمين وري چئن ماڻهن کي ليز تي ڏني وئي. اها زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت هئي، ان ۾ ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي اها زمين يونيورسٽين کي الاٽ ڪئي وئي پر پوءِ يونيورسٽين کي متبادل زمين ڏني وئي.