واشنگٽن (امتياز چانڊيو) جوابدار ڪو وڏيري جو پٽ هجي ها ته سڄي ميڊيا واويلا ڪري ها پر هاڻي چپ ڪري ويٺي آهي. ميڊيا ٻولي ۾ ورهايل نظر اچي ٿي. جوابدار ايليٽ ڪلاس نظر اچن ٿا، جج به وڪرو ٿيل آهن، پوليس به وڪرو ٿيل آهي. ارمغان کي وڏا ادارا سپورٽ ڪندا رهيا آهن، هي افغانستان ويڊ جي اسمگلنگ ڪندا آهن، ساڻن وڏو گروهه آهي. اتان ڪروڙين رپين جو واپار ٿيندو آهي، ڇاپي دوران پوليس وڏو پيسو ڏسي خاموش ٿي وئي هئي. ايس ايس پي انيل حيدر جي چوڻ تي جوابدار ارمغان کي مهمان بڻايو ويو هو. ايف ڊبليو او روڊن تي سي سي ٽي وي انتظام سنڀالي ٿي پر کين ڪجهه نظر نه آيو.