ڪراچي( رپورٽر)ڪراچي مان مصطفيٰ عامر جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ ملوث ٽيون شخص ڪير آهي؟ ارمغان جي گهر مان ٽئين شخص جو رت مليو،ڊي اين اي لاءِ موڪليو ويو ، مصطفيٰ جي قتل ۾ ٽئين شخص جي ملوث هجڻ جو امڪان، ارمغان جي گهر مان مليل رت ڊي اين اي لاءِ موڪليو ويو، جاچ ذريعن موجب ڊي اين اي فرانزڪ رپورٽ ۾ وڌيڪ واضح ٿيندو،ڪراچي ۾ مصطفيٰ عامر اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جوابدار ارمغان جي 10 فيبروري تي ميڊيڪل رپورٽ ملي آهي،رپورٽ موجب جوابدار کي 3 لڳي 55 منٽن تي ميڊيڪو ليگل لاءِ جناح اسپتال آندو ويو، جتي انسپيڪٽر امير علي کيس هٿڪڙيون هڻي پيش ڪيو،ميڊيڪل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ارمغان جي حالت بهتر هئي ۽ هو مڪمل هوش ۾ هو، سندس بلڊ پريشر به نارمل هو،جڏهن ته رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جوابدار جي ڪلهن تي ڳاڙها نشان موجود هئا، جڏهن ته ڪنن جي پويان ۽ ڪلهن تي سخت اعتراض جا نشان پڻ هئا.