اسلام آباد (رپورٽر) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ چيو آهي ته هو عدالتي پاليسي تي مخالف ڌر کي به اعتماد ۾ وٺندو. اپوزيشن کان به تجويزون ورتيون وينديون ته جيئن سڌارا غير تڪراري ۽ پائيدار هجن. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف، چيف جسٽس جي دعوت تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي آهي. پڌرائي موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ رجسٽرار، سيڪريٽري لا اينڊ ڪميشن به شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيف جسٽس کي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيف جسٽس جي ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه جي ڏورانهن علائقن جي دوري کي به ساراهيو، وزيراعظم چيف جسٽس جي انصاف جي تڪڙي فراهمي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کي پڻ ساراهيو. پڌرائي موجب ملاقات ۾ وزيراعظم ملڪي معاشي ۽ سيڪيورٽي چيلينجن تي به گفتگو ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف عدالتن ۾ ڊگهي وقت کان ٻڌڻي هيٺ ٽيڪس تڪرارن جي حوالي سان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيف جسٽس کي انهن ڪيسن ۾ ميرٽ تي جلد فيصلن جي اپيل ڪئي، جڏهن ته چيف جسٽس وزيراعظم کان انصاف جي نظام ۾ بهتري لاءِ تجويزون به گهريون. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم چيف جسٽس کي گم ٿيل ماڻهن بابت قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي به خاطري ڪرائي.