رمضان ۾ کنڊ تي 20 رپيا سبسڊي، اگهه 130 رپيا مقرر

لاهور (م ڊ) رمضان مهيني ۾ چئني صوبن ۾ کنڊ جي سبسڊائز وڪري جو فارمولو طئي ٿي ويو، سبسڊائز کنڊ بابت اجلاس  جي ميٽنگ منٽس موجب رمضان ۾ کنڊ تي 20 رپيا سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ چئني صوبن ۾ في ڪلو کنڊ 130 رپين ۾ ڏني ويندي، ميٽنگ منٽس ۾ ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ کنڊ سستي ماڊل بازارن ۾ وڪرو ڪئي ويندي ۽ سبسڊائز کنڊ ننڍي وڏي اسٽورن تي ڊي سي ڪائونٽر تي فراهم ڪئي ويندي،

ميٽنگ منٽس موجب رمضان ۾ هڪ ۽ ٻه ڪلو کنڊ جا ٿيلها وڪرو ڪيا ويندا، سڃاڻپ ڪارڊ تي في شهري وڌ کان وڌ 5 ڪلو کنڊ خريد ڪري سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.