عمرڪوٽ/ڪنري: نواب محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نواب يوسف ٽالپر جي وفات کانپوءِ پيپلزپارٽي ھڪ وفادار، مخلص، نظرياتي اڳواڻ سان محروم ٿي ويئي آھي، ھن ھميشه اصولن جي سياست ڪئي ۽ عوامي خدمتن کي ترجيح ڏني. شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر جو وڇوڙو پيپلزپارٽي لاءِ تمام وڏو صدمو آھي، نواب يوسف ٽالپر جو پاڪستان جي انتھائي اھم شخصيتن مان شمار ٿيو ٿي، ھن چيو ته نواب يوسف ٽالپر جي جدوجھد کي يقيني طور تي ھميشه ياد رکيو ويندو، ھن چيو ته نواب يوسف ٽالپر پيپلزپارٽي جي ھر ڏکي دور ۾ سندس ساٿ ڏنو ۽ ھن آمريت جي خلاف جدوجهد ۾ ساٿ ڏنو.صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن وفاق جي طرفان سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ پيپلزپارٽي ڪڏھن به اھو نہ چاهيندي ۽ پنھنجو موقف چٽو رکندي ۽ اصولن جو سوڌو نہ ڪندي. تعليم واري وزير سيد سردار شاھ چيو ته نواب يوسف ٽالپر سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي اشوز کي اسميبلي فلور تائين ڀرپور نموني آواز اٿاريو، پاڻي ۽ اين ايف سي سميت سنڌ جي مسئلن کي ڀرپور نموني آواز رکندڙ ھو، ڪجھ ڏينھن اڳ نواب يوسف ٽالپر سان ڪئنالن بابت ڳالھ ٻولھ ٿي هئي.