جهونو سياستدان نواب يوسف ٽالپر مٽي ماءُ حوالي، وڏو وزير ۽ ٻيا پهتا

عمرڪوٽ/ڪنري(رپورٽ:غلام مصطفيٰ مهر+ وسرام چند مڪواڻا) سينيئر سياستدان پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جو مڙھ اباڻي ڳوٺ آندو ويو، سوين آلين اکين سان تدفين، وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ ٻين جي شرڪت، ماحول سوڳوار، سوڳ ۾ ڀرپاسي جا شھر بند. خبر موجب سينيئر سياستدان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ 4 مارچ جي ھيرو نواب محمد يوسف ٽالپر جو مڙھ ڪنري ويجھو سندس اباڻي ڳوٺ مانجھاڪر آندو ويو جتي نواب يوسف ٽالپر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير تعليم و معدنيات سيد سردار علي شاهه، مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي صلاحڪار لالچند اڪراڻي، امداد پتافي، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، ضلعي ڪائونسل ميمبر نواب يونس ٽالپر، ايم اين اي مھيش ڪمار ملاڻي، شبير بجاراڻي، ملڪ اسد سڪندر، خورشيد احمد شاھ، قاسم نويد، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، سيد امير علي شاهه، نديم الرحمان ميمڻ، ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن فيصل احمد عقيلي، ڊي آٰءِ جي ميرپورخاص ڊويزن محمد زبير دريشڪ، پير تاج حسين شاھ جيلاني، اڳوڻو ايم پي اي حاجي علي مراد راڄڙ، چئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، وائيس چئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان پير محمد ولھاري، سرفراز علي شاهه، نواب زبير ٽالپر، نواب غني ٽالپر، شڪيل باجوا، پ پ اڳواڻ مدن لال سوماڻي سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد نواب يوسف ٽالپر جي مڙھ کي سوين آلين اکين سان سندس رھائشگاھ ڀرسان مٽيء ماءُ حوالي ڪيو ويو.  نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي ڪنري، سامارو، نبي سر روڊ، ٽالھي، پٿورو سميت ننڍا وڏا شھر ۽ اسٽاپ سوڳ ۾ بند رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.