نوشهروفيروز (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، ضلعي نوشهري فيروز جي صدر لطيف ڀٽي، جنرل سيڪريٽري حسين سومرو ۽ ٻين نوشھرو فيروز پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه نون ڪئنالن، لاقانونيت، بهارين، برمين ۽ بنگالين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ (19 فيبروري تي تنگواڻي ۾ ريلي ۽ 20 فيبروري تي شڪارپور ۾ ڪانفرنس ڪئي ويندي. اڳواڻن چيو ته هڪ طرف سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن کي پ پ قيادت نيلام ڪري رهي آهي ته ٻي طرف سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ بيهارين، بنگالين، هندستانين ۽ برمين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آئي سنڌ دشمن سازشن ۾ پ پ سان گڏ آهن. غير قانوني غير ملڪين کي سنڌين مٿان مڙهي سنڌ ۾ هڪ ٻيو اسرائيل ٺاهيو پيو وڃي.