راولپنڊي(م ڊ) راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل جي چوڌاري سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ پوليس جيل ڏانهن ويندڙ رستن تي ڪنٽينر رکيا آهن. پوليس طرفان روڊ تان گذرندڙ گاڏين جي مڪمل تلاشي ورتي وئي ۽ ڪجهه ماڻهن کان سواءِ ڪنهن کي به اڳتي وڌڻ جي اجازت نه ڏني وئي. عليما خان کي رڪاوٽن سبب جيل پهچڻ لاءِ ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو. باني سان ملاقات ڪئي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان جو چوڻ هو ته اڊيالا جيل ويجهو اچڻ تي کيس ۽ وڪيلن کي روڪيو ويو، جڏهن ته ٻين کي وڃڻ ڏنو پيو وڃي. هن الزام هنيو ته پوليس کيس غير ضروري طور تي حراست ۾ وٺي رهي آهي، عدالت جي حڪمن باوجود کيس پي ٽي آءِ باني سان ملڻ جي اجازت نه ڏني. عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ جو باني مڪمل طور تي صحتمند آهي، هو باقاعده ورزش ڪندو آهي ۽ گهٽ کائيندو آهي، ان ڪري جيل انتظاميه سندس صحت جو جواز ڄاڻائي ڪو به عذر پيش نٿو ڪري سگهي. هنن چيو ته اها صورتحال قابل قبول ناهي ۽ هو ان حوالي سان وڌيڪ قانوني ڪارروائي تي غور ڪري رهيا آهن.