جوابدار ارمغان جو 4 ڏينهن جسماني رمانڊ منظور، قبرڪشائي 21 فيبروري تي ٿيندي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان کي 4 ڏينهن جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول جي قبرڪشائي 21 فيبروري تي صبح نائين وڳي ڪئي ويندي. ٻڌڻي دوران عدالت سوال ڪيو ته جوابدار طرفان ڪير آيو آهي؟ وڪيل چيو ته جوابدارن کان وڪالت نامي تي صحيحون ڪرائڻيون آهن، جوابدار ارمغان وڪالت نامي تي صحيحن کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي وڪيل چيو ته اوهان جي پيءُ وڪيل ڪيو آهي. پراسيڪيوٽر هاءِ ڪورٽ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو. عدالت چيو ته 4 ڪيس آهن، ڇا نالو آهي؟ جيل ۾ ڪڏهن کان آهيو؟ پوليس جڏهن پڪڙيو ان بابت ڇا چئو ٿا؟ جوابدار ارمغان عدالت کي ٻڌايو ته مون کي ماريو ويو. ان ئي دوران جوابدار ارمغان عدالت ۾ بيهوش ٿي ويو جنهن تي پوليس اهلڪارن کيس هوش ۾ آڻڻ لاءِ صوفي تي ليٽائي ڇڏيو. جوابدار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار جي حالت ٺيڪ ناهي، ان جو ميڊيڪل ڪرايو وڃي، عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ميڊيڪل ته پهرئين ڏينهن ٿي وڃڻ گهربو هو، پوءِ ڇو نه ڪرايو؟  سرڪاري وڪيل چيو ته 2 ڪلاڪ اڳ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدار کي پيش ڪيو ويو ته طبي معائنو به ٿيو هو، اتي سندس طبعيت ٺيڪ هئي. جاچ آفيسر چيو ته جوابدار وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪرڻو آهي. عدالت سوال ڪيو ته ڇا لاش مليو آهي؟ جاچ آڦيسر چيو ته لاش ملي ويو آهي، قبرڪشائي جو حڪم ٿي ويو آهي. جاچ آفيسر 30 ڏينهن جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ ۽ ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

آرڊر ٽائپ ٿيل آهي، وائيٽو هڻي جيل ڪسٽڊي ڪيو ويو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مصطفيٰ عامر جي اغوا ۽ قتل جي ڪيس ۾ جسٽس ظفر راجپوت ۽ جسٽس تسنيم سلطانا تي ٻڌل 2 رڪني  بينچ جوابدار ارمغان جي رمانڊ جون 4 درخواستون منظور ڪيون. جوابدار ارمغان کي بڪتربند گاڏي ۾ هاءِ ڪورٽ آندو ويو، سندس چهرو ڍڪيو ويو. سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته اغوا ڪيس ۾ پوليس ڇاپو هنيو. جوابدار ارمغان 10 فيبروري تي اي ٽي سي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، جوابدار کي ٽن ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو هو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته پوليس آفيسر ۽ اهلڪار جوابدار جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيا، هڪ مهينو جسماني رمانڊ گهريو هو جيڪو نه مليو. عدالت رمارڪس ڏنا ته پورو آرڊر ٽائپ آهي، وائيٽو هڻي جيل ڪسٽڊي ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي جي عملدارن چيو ته رجسٽرار جو عهدو خالي آهي، جنهن وٽ چارج آهي اهو عمري تي آهي. جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏنا ته هٿ سان وائٽو هڻي جي سي ڪيو ويو آهي، پوليس اڃا تائين لکيل آهي. پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته جوابدار جو پيءُ جج صاحب جي ڪمري ۾ موجود هو، مان قسم کڻي چوان ٿو. عدالت چيو ته اها ڳالهه نه ڪريو جيڪا اوهان درخواست ۾ ناهي لکي. ٻڌڻي دوران عدالت جوابدار ارمغان کان سوال ڪيو ته اوهان تي تشدد ٿيو؟ جوابدار ارمغان جواب ڏنو ته مون تي تشدد ٿيو، عدالت چيو ته ڏيکاريو نشان ڪٿي آهن؟ جوابدار جي شرٽ لاهي ڏيکاريو. جوابدار جي شرٽ لاهي ڏيکاري وئي ته ايڊيشنل پراسيڪيورٽر جنرل چيو ته تشدد جو ڪو نشان ناهي. بعد ۾ عدالت ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ جوابدار کي جسماني رمانڊ لاءِ اي ٽي سي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جوابدار جي والد جو عجيب ورتاءُ،کل جوڳا موقف ڏيڻ لڳو

ڪراچي: جوابدار ارمغان جي پيءُ ڪامران قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پٽ جو ميڊيڪل به ناهي ڪيو ويو، ميڊيا تي هلايو ويو ته ارمغان نشي ۾ هو، ان جي ميڊيڪل رپورٽ ڪٿي آهي؟ هن چيو ته اي ٽي سي جا 3 حڪم آهن انهن تي عمل ناهي ٿيو. عدالت چيو ته منهنجي پٽ سان ملاقات ڪرائي وڃي، ڪيس داخل ڪيو وڃي، هيل تائين ان تي عمل ناهي ٿيو. هن چيو ته پوليس ۾ به هڪ پوليس آهي جيڪا بليڪ ميلنگ ڪندي آهي. هي سڀ ڊرامو ڪري رهيا آهن، پاڪستان نٿو سڌري سگهي، سڀاڻي اوهان جي ٻارن سان به ائين ئي ٿيندو.

قبر ڪشائي لاءِ 3 رڪني بورڊ قائم، سڪيورٽي بابت هدايتون جاري

ڪراچي: عدالتي حڪم تي مقتول محمد مصطفيٰ عامر جي قبرڪشائي 21 فيبروري تي ڪئي ويندي. قبر ڪشائي لاءِ پوليس  سرجن ڪراچي ڊاڪٽر سمعيه سيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بورڊ قائم ڪئي وئي. مقتول کي ڪيماڙي جي موچڪو ٿاڻي جي حدن ۾ دفنايو ويو هو. قبر ڪشائي جاچ جو حصو آهي جنهن ۾ قتل، اغوا ۽ دهشتگردي جا قلم شامل آهن. قبر ڪشائي بابت سڪيورٽي ۽ لاجسٽڪس لاءِ ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او درخشان ۽ موچڪو پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ويون.

مصطفيٰ کي مون ناهي ماريو: ارمغان بيان تان ڦري ويو

ڪراچي: جوابدار ارمغان کي عدالت ۾ پيش ڪيو پئي ويو ته ان ئي دوران صحافين طرفان سوال ڪيو ويو جنهن تي جوابدار ارمغان جواب ڏيندي چيو ته مان مصطفيٰ کي ناهي ماريو، مون کي ڦاسايو پيو وڃي. صحافي جڏهن سوال ڪيو ته پوليس تي فائرنگ ڇو ڪئي؟ ان جي جواب ۾ هن چيو ته هو منهنجي گهر ڌاڙو هڻي رهيا هئا.  پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ منتظر مهدي عدالت ٻاهران ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، اسان کي عدالتن تي يقين آهي ته انصاف ملندو، ڪيس حل ڪري پوءِ ڇڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.