اسلام آباد (م ڊ) ملڪ جي 40 هزار ميگا ريٽيل اسٽورن کي ايف بي آر سسٽم سان ڳنڍڻ لازمي قرار ڏنو ويو. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سيلز ٽيڪس جي ضابطن ۾ ترميمون متعارف ڪرائي ڇڏيون. ايف بي آر موجب ايف بي آر کي وڏن اسٽورن جي سيلز ڊيٽا 24 ڪلاڪن اندر ملي ويندي. جيڪڏهن صحيح ڊيٽا وقت سر نه ملي ته اسٽورن کي سيل ڪري سگهجي ٿو، اسٽور ٻيهر کولڻ جو اختيار ڪمشنر ان لينڊ روينيو کي ڏنو ويو. ايف بي آر چيو ته ڏنڊ ادا ڪرڻ جي 24 ڪلاڪن اندر اسٽور کي ڊي سيل ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويندا.