ڪرم ۾ ٽرڪن مان ڦرلٽ ، حملو، 4 اهلڪار ۽ ڊرائيور شهيد

پشاور ( م ڊ) گذريل ڏينهن ڪرم ضلعي جي علائقي بگن ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏين تي حملي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ هڪ ڊرائيور شهيد ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. پوليس موجب حملي دوران حملي آورن سڪيورٽي فورسز جي 3 گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي. پوليس ذريعن موجب شهيدن ۾ لانس نائيڪ قابيل خان، لانس نائيڪ عبدالرحمان، لانس نائيڪ  ياسين، سپاهي ثقلين ۽ سپاهي دانش شامل آهن. ريسڪيو ذريعن موجب، حملي ۽ فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حملي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. سڪيورٽي قافلي ۾ شامل 60 ٽرڪون ٽل کان پاراچنار ڏانهن وڃي رهيون هيون، جن مان 9 کي محفوظ طريقي سان گهيري ۾ آندو ويو، جڏهن ته 20 ٽرڪون تلل ڏانهن واپس موڪليون ويون.ڊرائيور گل فراز موجب جڏهن مسجدن مان گاڏيون ڦرڻ ۽ مال غنيمت حاصل ڪرڻ جا اعلان ٿيا ته هر طرف کان ماڻهو ٻاهر نڪرڻ لڳا ۽ لٽ مار بعد ٽرڪ کي باهه ڏئي ساڙڻ لڳا. پوليس موجب، واپس ايندڙ اڪثر ٽرڪون ڦريون ويون ۽ 30 جي لڳ ڀڳ ٽرڪون ڦرڻ بعد ڪيترن ئي گاڏين کي باهه ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.