تلھار(رپورٽ: محمد حنيف ملاح)تلهار سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڳوٺاڻن کان زمينون کسڻ خلاف سنڌ ھاري ڪميٽي پاران تلھار ۾ مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ 2 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري شھر جي مين حيدرآباد بدين بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جھڙا منصوبا سنڌ مٿان ايٽم بم ڪيرائڻ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن،هنن ملڪ دشمن منصوبن وسيلي سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. فارم 47 واري حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڪئنالن جهڙا سنڌ دشمن فيصلا واپس وٺي،هي منصوبا خصوصن سنڌ ۾ شديد ڏڪار پيدا ڪندا ، لکين هاري بي دخل ٿيندا، ھنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه مان ڇهھ ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت ڏني آهي حڪمران پنهنجي ڪرتوتن ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ پيڪا آرڊيننس آڻي حق سچ جي آواز کي دٻائڻ چاهين ٿا.