پارليامينٽ بدران وفاقي حڪومت ايس آءِ ايف سي کي اهميت ڏيڻ لڳي؟

اسلام آباد(اعزازسيد/ آصف بشير) پي ٽي آءِ جا اسٽيبلشمنٽ سان پردي پٺيان رابطا ٿي رهيا آهن.هوڏانهن عمران خان چيو آهي ته عيد کان پوءِ هڪ وڏي تحريڪ هلائينداسين.پر اگر ڏسجي ته ان کان اڳ اعلانيل احتجاجي سڏن کي عوامي موٽ ناهي ملي ۽ مقصد پورا ناهن ٿيا.سو مقصد ماڻڻ لاءِ عمران خان کي ڪجهه سياسي چرپر ڪرڻي پوندي سڀ کان اول ته کيس مخالف ڌر جو اتحاد جوڙڻو پوندو.خاص ڪري مولانا فضل الرحمان جو ان جلوسن ۾ شريڪ ٿيڻ ضروري آهي.ٻيو ناراض ڌرين جهڙوڪ استاد، وڪيل  ۽ٻين بابت ڳالهه ڪرڻ گهرجي. ٻئي پاسي بشريٰ بي بي جي اهم ملاقاتن ڪرڻ ۽ محسن نقوي سان ٽيليفونڪ رابطي جون خبرون به آيون آهن. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي ڪجه ترميمون قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون آهن جن مان هڪ اهم اها آهي ته وفاقي ڪابينا سڌي ريت پارليامينٽ کي جوابده هوندي.وزير ايوان ۾ ايندا ئي ناهن ۽ جواب ناهن ڏيندا. ان جي ڪري هي ترميم انتهائي اهم آهي.اهي ترميمون اهڙي وقت ۾ آيون آهن جڏهن ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ وٿي آهي خاص ڪري پنجاب ۾ پيپلزپارٽي کي حصو نه پيو ملي ۽ ڪم نه پيا ٿين.ڪجه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهبازشريف سان پيپلزپارٽي اڳواڻن ملاقات ڪري مريم نواز خلاف شڪايتون به ڪيون هيون.ان تي وزيراعظم ڪميٽي جوڙي ۽ مريم نواز کي به بطور ميمبر شامل ڪيو.پر مريم نواز ان جو اجلاس اٽينڊ نه ڪيو.پوءِ اسحاق ڊار وڃي اجلاس اٽينڊ ڪيو.هن وقت هڪ اهم ادارو ايس آئي ايف سي آهي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته ان ۾ 36 فوجي آفيسر شامل آهن.موجوده حڪومت پارليامينٽ کي اهميت ڏيڻ بجاءِ ايس آئي ايف سي کي اهميت ڏئي ٿي.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 19 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.