سيوھڻ: حضرت قلندر لال شھباز رح جي 773ھين عرس مبارڪ جي ٽي ڏينهن جون تقريبون جاري آهن، جنهن جو افتتاح قائم مقام گورنر سنڌ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاھه جن مزار تي چادر چڙھائي، فاتحه خاني ڪري ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، مزار جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وقتي گورنر چيو ته ملڪ ۽ قوم ۽ سنڌ، اولياءِ ڪرام جي ڌرتي آهي، هن چيو ته سنڌ صوبو ترقي ڪندو ته سڄو ملڪ ترقي ڪندو،سوال تي هن چيو ته ڪراچي ۾ ڊمپر جي حادثن تي گهرو وزير جو بيان اچي چڪو آهي ۽ ان لاءِ حڪومت طرفان هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن ، هڪ سوال تي هن چيو ته ڇهه ڪينالن جي منصوبي تي چيئرمين صاحب جو واضح بيان اچي چڪو آهي. اويس قادر شاھه وزيراعظم پاڪستان کي گذارش ڪئي ته آئين مطابق 90 ڏينهن ۾ سي سي آءِ جي ميٽنگ منعقد ٿيڻي آهي، مهرباني ڪري جلدي اجلاس طلب ڪيو وڃي.