قلندر لعل شهباز جي عرس جون تقريبون شروع،وقتي گورنر چادر چاڙهي افتتاح ڪيو

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) مشهور عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شھباز قلندر جي 773 ھين عرس مبارڪ جون ڪالھه پھرين ڌمال تي تقريبون جاري رھيون،  وقتي گورنر سنڌ سيد اويس قادر شاهه سيوھڻ  پھچي قلندر لعل شھباز جي مزار تي چادر چاڙھي افتتاح ڪيو، جڏھن ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عقيدت مند سيوھڻ پھچي ويا،  جنهن ڪري شھر جون رونقون وڌي ويون آهن،  زائرين ۾ خاص ڪري پنجاب صوبي جي مختلف ضلعن جا زائرين شامل آھن، جيڪي شھر جي ھر گھٽي ۽ رستن تي دھل شرنائين سان قلندري ڌمالن تي رقص ڪندي ۽ ڊگھيون چادرون کڻي دمادم مست قلندر جي نعرن جي گونجار سان مزار تي پھچي حاضري ڀري پنھنجي عقيدتمندي جو اظھار ڪري رھيا آهن، ٻئي طرف درگاهه قلندر جي سجادا نشين سيد ولي محمد شاهه پاران پنهنجي رھائشگاھه تان درگاهه قلندر تي جلوس جي صورت ۾ ميندي آڻڻ جي رسم ادا ڪئي وئي،  جنهن ۾ صوفي فنڪارن ۽ معززين جي وڏي انگ شرڪت ڪري قلندري ڌمال تي رقص ڪيو، جڏهن ته اوقاف کاتي پاران قلندر جي درگاھه کي رنگين بلبن سان سينگاريو ويو آهي،  جڏھن ته زائرين پاران شھر اندر کير، شربت ۽ فلٽر واري پاڻي جون سبيلون ۽ نگر نياز  پڻ تقسيم ڪرڻ وارو سلسلو ميلي جا ٽئي ڏينهن جاري رھندو، ٻئي طرف ميلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 5000 پوليس اھلڪار، 300 رينجرز ۽ حساس ادارن جا اھلڪار ۽ جوان ميلي جي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رھيا آهن ۽ قلندر جي عرس مبارڪ ۾ عوام جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ درگاهه قلندر اندر 200 ۽ شھر جي مختلف روڊن ۽ چوڪن تي 300 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳايون ويون آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.