مٺياڻي (ن ع آ)جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه،جي ڊي اي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ،اڳوڻو ايم پي اي معظم علي خان عباسي،بئريسٽر ڪاظم علي خان عباسي ، قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو جي نوان جتوئي غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي رھائشگاه تي آمد،ان موقعي تي اڳوڻن چيو ته غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي دهشتگردي جي ڪوڙي ۽ من گھڙت ڪيس ۾ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اها گرفتاري پ پ جي آمراڻي ذهنيت جو ثبوت آهي،هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي آمريت ۽ فاشزم جو بهادري سان مقابلو ڪنداسين سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ بدران سياسي مخالفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي،اڳواڻن حڪومت کان غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي فوري طور آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.