23 فيبروري تي ڊيرا موڙ تي ڌرڻو هڻنداسين:صنعان قريشي

ڪنڌڪوٽ/قمبر(نمائندا)سنڌو درياھ جي دانھن کڻي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي قيادت مومن سمون، ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو سان گڏ اُتر سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ نڪري پيو، ڪنڌڪوٽ جي ڪرمپور ۾ شهيد بشير خان قريشي جي ويجھي دوست فضل الاھي بنگلاڻي جي ڳوٺ پهتو، سرڪين جي ڳوٺ، منظور نوناري جي ڳوٺ، تنگواڻي، قمبر ۽ وڳڻ ۾ 23 فيبروري تي ڪشمور ضلعي جي ڊيرا موڙ وٽ ڌرڻي جون دعوتون ڏيندي صنعان خان قريشي ڳوٺاڻن سان مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌو درياھ کي سُڪائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن،قبيلائي جهيڙا ناسور آهن، سنڌ سرڪار جي نااهلي سبب سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي هن چيو ته سڀ ويڇا وساري سنڌو درياھ کي بچائڻ جي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ جو وقت آهي، تنهن ڪري اچو ته 23 فيبروري تي ڊيرا موڙ تي ڌرڻو هڻي پنجاب جا رستا بند ڪري ڇڏيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.