آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو ڪراچي ۾ احتجاج جاري

ڪراچي (رپورٽر ) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي پاس اميدوارن جو ڪالهه به هڪ هفتي کان ڪراچي پريس ڪلب آڏو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج جاري رهيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ حڪومت گذريل ٽن سالن کان ويٽنگ لسٽ ۾ رکي سندن قيمتي وقت ضايع ڪيو آهي. حڪومتي لاپرواهي سبب نه رڳو اهي عمر  وڃائي رهيا آهن پر سنڌ جا هزارين اسڪول اڃا تائين بند پيل آهن، جنهن سبب لکين ٻار تعليم کان محروم آهن. جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ڪيترائي فيصلا به آيا آهن جن ۾ حڪومت کي فوري طور تي خالي پوسٽون ڀرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.