اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته نواز شريف کي گهر موڪلڻ لاءِ ماحول ٺاهيو ويو، ۽ ڊان ليڪس هڪ ننڍڙو حصو هو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي عرفان صديقي چيو ته هن آرمي چيف جي مقرري ۾ جنرل باجوا جي وڪالت ڪئي هئي، نواز شريف چيو ته توهان جي راءِ جي بنياد تي جنرل باجوا کي آرمي چيف بڻايو پيو وڃي، نواز شريف ڊان ليڪس جي معاملي تي تمام گهڻو پريشان هو، مريم نواز جو نالو ڊان ليڪس ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنرل باجوا جي ٽوئيٽ کان پوءِ، شام ساڻس ملڻ ويس. جنرل باجوا چيو ته وزيراعظم منهنجي پٺي ۾ ڇرو هنيو، جڏهن جنرل باجوه کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته هن مون کي چيو ته مون کي رجيڪٽڊ ٽوئيٽ نه ڪرڻ گهرجي ها. نواز شريف جنرل باجوا کان بدلو وٺڻ چاهيندو هو، پر سندس سخت ترين رد عمل کي روڪڻ لاءِ ڪلثوم بي بي کي استعمال ڪيو ويو.