حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سڏ تي سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا خلاف ڄامشورو پل المنظر سنڌو درياهه تي انساني ھٿن جي زنجير ٺاهي احتجاج ڪيو ويو. هن احتجاج ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت عورتن،شاگردن،نوجوانن،هارين،ننڍن آبادگارن، ليکڪن ۽ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي احتجاج جي اڳواڻي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، سنڌ جو سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال، سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر مير منور ٽالپر، ڏامرو مل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. جڏهن ته عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ خادم حسين ٽالپر، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ پروفيسر امير چانڊيو، وطن دوست جمهوري پارٽي جي اڳواڻ عرض رتڙ، نامياري وڪيل يوسف لغاري، اسلم پرويز عمراڻي، انجم جمهوريت پسند خواتين جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪلثوم جمال، حسين فاطمه،ڪميونسٽ پارٽي بلوچستان جي صوبائي ڪميٽي جي ميمبر فرحاد رند،ڪميونسٽ پارٽي خيبر پختونخواهه ڪميٽي جي سيڪريٽري احمد علي شنواري، ڪميونسٽ پارٽي پنجاب جي سيڪريٽري پروفيسر ولي انجم، نغما ناز وساڻ، مصطفيٰ راڄپر، سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ فاطمه، علي مردان شيخ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ امداد قاضي خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ زمين، درياهه ۽ خوراڪ تي سرمائيدارن جي قبضي جي سازش آهي. 60 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين آباد ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪروڙ ايڪڙن کان وڌيڪ زمين بنجر بڻائي ويندي،سسٽم ۾ پاڻي ئي موجود ناهي. اهڙي صورتحال ۾ لکين ايڪڙ زمينون ڪٿان آباد ٿينديون؟ هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ واري پئي اڏامي، سنڌ سدائين پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندي پئي اچي. حڪومت ۾ شامل وڏيرا ۽ سردار زبردستي پاڻي کڻي وڃن ٿا ۽ ننڍن زميندارن کي پاڻي نٿو ملي. مير منور ٽالپر چيو ته هارين ۽ مزدور بکون ڪٽڻ تي مجبور آهن، ننڍن آبادگارن ۽ هارين سان ٿيندڙ ظلم خلاف سڄي ملڪ جي عوام کي بنا ڪنهن فرق جي ظالم ۽ جابر قوتن خلاف متحد ٿيڻو پوندو. خادم حسين ٽالپر چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ واريون رٿائون سنڌ جي باقي بچيل زراعت کي ته تباهه ڪنديون پر سنڌ ۾ انسان ۽ جانور اڃ مرندا. پروفيسر امير چانڊيو چيو ته پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻندو آيو آهي عرض رتڙ چيو ته درياهه پاڻيءَ جي لاءِ سڪي رهيو آهي، پر حڪمران درياهه کي اڃا وڌيڪ سڪائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.