ليڪچرارن جي پوسٽنگ تي ”ڪمائي“، صوبائي وزير جو نوٽيس

ڪراچي (رپورٽ: خدا ڏنو شاهه) ڪاليج ايجوڪيشن کاتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ ليڪچرارن جي پوسٽنگز تي ڪمائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو تعليم واري وزير  نوٽيس وٺندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن توڙي سرڪاري ذريعن موجب ڪاليج ايجوڪيشن کاتي سنڌ جي سيڪريٽري مبينا طور تي هڪ سيڪشن آفيسر ۽ ان جي اسٽاف سان گڏجي پبلڪ سروس ڪميشن وارو مشڪل امتحان پاس ڪري ايندڙ ليڪچرارن جي پوسٽنگز تي "ڌنڌو” شروع ڪري ڇڏيو آهي، پبلڪ سروس ڪميشن پرڳڻي ۾ 18 سبجيڪٽن جي 17هين گريڊ جون 1586 خالي جايون ڀرڻ لاءِ 10هين اپريل 2023ع تي اشتهار جاري ڪيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي مرد توڙي عورت اميدوارن حصو ورتو لکت ۽ زباني امتحان ۾ مجموعي طور تي 600 مرد ۽ عورت اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا جن کي مقرري جو حُڪم ڏنو ويو جنهن بعد ڪاليج ايجوڪيشن کاتي هڪ ضلعي واري اميدوار کي ٻي ضلعي ۾ مقرر ڪري اجتماعي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن سان مقرر ڪيل ليڪچرارن کي ڏُکيائيون پيش آيون جنهن بعد انهن ليڪچران ڪراچي جا چڪر ڪاٽڻ شروع ڪيا ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي سان رابطا ڪندي چيو ته جڏهن سندن ڊوميسائل واري ضلعي ۾ سيٽون خالي آهن ته پوءِ کين ٻين پري واري ضلعن ۾ ڇو اماڻيو ويو آهي؟ ذريعن ۽ ڪجھه نون مقرر ٿيل ليڪچرارن موجب ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري کين هڪ مخصوص سيڪشن آفيسر وٽ پيش پوڻ جو چيو جنهن ليڪچران کي چيو ته موڊيفڪيشن مفت ۾ نه ٿيندي، ان تي چانھه پاڻي جو خرچ لڳندو، ذريعن موجب کاتي جي ان سيڪشن آفيسر موڊيفڪيشن جو اگھه في ليڪچرار لاءِ ٻن لکن کان پنجن لکن تائين مقرر ڪيو آهي، جيڪو به ٻي ضلعي ۾ مقرر ٿيل ليڪچرار معاملا طئي ڪري ٿو ته ان جو آرڊر واپس ڪيو وڃي ٿو، باقي چانھه پاڻي نه ڏيندڙ سمورا نوان ليڪچرار ٻين ضلعن ۾ وڃڻ تي مجبور بڻيل آهن، هوڏانهن تعليم واري وزير سيد سردار شاھ ان معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڇنڊ پٽيندي چيو آهي ته اهڙي قسم جو ڪڌو عمل ختم ڪيو وڃي ۽ ليڪچرارن کي ضلعن ۾ موجود سيٽن تحت مقرر ڪيو وڃي جيڪڏهن ڪنهن ضلعي ۾ سيٽ خالي ناهي ته پوءِ ان کي ڀر واري ضلعي اماڻيو وڃي.

عمرڪوٽ جو ليڪچرار حيدرآباد ۽ ڄامشوري وارو ٽنڊي محمد خان  ۾ مقرر!

ڪراچي: دستاويزن موجب ميرٽ نمبر 47 ڄامشوري ضلعي جي اميدوار کي دادو، ميرٽ نمبر 69 عمرڪوٽ ضلعي واري کي حيدرآباد، ميرٽ نمبر 98 حيدرآباد ضلعي واري کي ٺٽي، ميرٽ نمبر 53 ، عمرڪوٽ واري کي وري ميرپورخاص، ميرٽ نمبر 7 ڄامشوري واري کي وري ٽنڊي محمد خان، ميرٽ نمبر 106 حيدرآباد واري کي ٺٽي ضلعي ۾ پوسٽنگ ڏني  ويئي آهي سرڪار ذريعن توڙي دستاويزن موجب ڊوميسائل وارن ضلعن ۾ سيٽون هجڻ باوجود تازو ڀرتي ٿيندڙ ليڪچرارن کي فقط چانھه پاڻي لاءِ ٻين ضلعن ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

پلاننگ تحت ليڪچرارن کي ٻين ضلعن ۾ موڪلڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو: ذريعا

ڪراچي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ ليڪچرارن کي سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ مقرر ڪري سگهجي ٿو، دستاويزن موجب سندن سبجيڪٽ جي سيٽ جتي خالي هجي اتي کين اماڻي سگهجي ٿو پر ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي مخصوص سيڪشن آفيسر ان پيرا جو فائدو وٺندي نوان آيل ليڪچرار ٻين ضلعن ۾ موڪلڻ جو نوٽيفڪيشن هڪ پلاننگ تحت ٺاهيو ته جيئن واپسي ڪندڙ ليڪچرارن کان موڊيفڪيشن جي نالي تي چانھه پاڻي جي مد ۾ لکين رپيا وصول ڪري سگهجن .

تازو600 نوان ليڪچرار ڀرتي ٿيا

ڪراچي: پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ سمورن ڪاليج ۾ خالي پيل سبجيڪٽن جي سيٽن تي ڀرتي جو اعلان ڪيو هو جنهن موجب صوبي ۾ باٽني جون 135، ڪيمسٽري جو 14، ڪمپيوٽر سائنس جون 300، اڪنامڪس جون 37، ايجوڪيشن جون 87، انگلش جون 15، اسلاميات جون 108، مسلم هسٽري جون 27، مئٿس جون 109، پاڪستان اسٽڊي جون 155، فزڪس 85، پوليٽيڪل سائنس جون 35، سائيڪالاجي جون 13، سنڌي جون 200، سوشالاجي جون 43، اسٽيٽسٽڪس جون 68، اردو جون 36 ۽ زولاجي جون 53 جايون مجموعي طور تي 1586 جاين لاءِ لکت وارو ۽ زباني امتحان ورتا جنهن ۾ لڳ ڀڳ 600 اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

خاص ڪم هڪ ئي ايس او ذيعي ٿئي ٿو: ذريعا

ڪراچي: ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ مخصوص سيڪشن آفيسر ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري جو منظور نظر بڻيل هي، ذريعن موجب سڄي کاتي ۾ ان هڪ سيڪشن آفيسر جا اماڻيل يا پاڻ کڻي ويندڙ فائل سيڪريٽري بنا دير جي ڊائون ڪري ڇڏيندو آهي جڏهن ته کاتي جي ٻين سيڪشن آفيسرز کي خاص اهميت حاصل ناهي، ڏيتي ليتي وارو  سمورو ڪم ان هڪ ئي ايس او معرفت ڪيو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.