ميرپوربٺورو (رپورٽ:امتياز علي سومرو) سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي ۽ ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف جسقم آريسر پاران سکر کان نڪتل پيرين پنڌ لانگ مارچ قافلو جسقم آريسر جي چئرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ سجاول ضلعي جي حدن ۾ داخل ٿيندي صوفي جي نگري جھوڪ شريف کان ٿيندو ميرپوربٺورو پهچي ويو جتي لانگ مارچ قافلي جو وک وک تي شاندار استقبال ڪيو ويو جڏهن ته جسقم آريسر جي چئرمين اسلم خيرپوري کي سنڌ جي ثقافت اجرڪون ۽ پٽڪو پارائي مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي انھي موقعي تي اسلم خيرپوري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عشق اڳيان ڪا به تڪليف محسوس نٿي ٿئي، سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي ليڪن حڪمرانن پاران سنڌ جي عوام جي آواز کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته لکين ايڪڙ سنڌ جون زمينون ادارن حوالي ڪيون پيون وڃن، هن سنڌ واسين کي اپيل ڪندي چيو ته 23 فيبروري تي لکين جي تعداد ۾ پريس ڪلب ڪراچي پهچي سنڌ دشمن منصوبن خلاف هڪ آواز بڻجي وڃو، انهي موقعي تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو ته دريا هوندو ته سنڌ جيئندي هن ديس خاطري سائين جي ايم سيد جا پيروڪار پيرين پنڌ آهن جن جي همت کي سلام پيش ڪجي ٿوانهي موقعي تي اسماعيل ناز نوتڪاڻي، فتاح چنا وحيد سنڌي، آصف نظاماڻي ،ڪرن نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو لانگ مارچ قافلو رات ميرپوربٺورو ۾ ترسڻ بعد اڄ صبح پنهنجي منزل سجاول طرف روانو ٿيندو.