سيوهڻ حادثي جو ڪارڻ تباهه روڊ آهي، وفاق روڊ ٺهرائي: ارسلان شيخ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته  سوا مهيني کان سکر ۽ ٻين شهرن ۾ اوندھ ۾ ٻڏل آهن، وزيراعظم کي درخواست آهي ته هو نوٽيس وٺي، گئس جو مسئلو به سنڌ ۾ وڌي رهيو آهي، اسان جا ٻار صبح جو ناشتو ڪرڻ کان سواءِ اسڪولن ۾ وڃن ٿا، سيوهڻ ۾ حادثي جو بنيادي سبب تباهه ٿيل روڊ آهي، حادثا روزانو جي بنيادن تي ٿي رهيا آهن، وفاق سنڌ کي نقشي کان ڌار ڪيو آهي، وزيراعظم کي اپيل آهي ته ٻين صوبن تي به نظر رکي وڃي، جڏهن حيدرآباد سکر موٽر وي جي ڳالهه ٿيندي آهي ته اهو منصوبو دير جو شڪار ٿي وڃي ٿو، سنڌ حڪومت وفاق تي دٻاءُ وجهڻ بدران آئين تحت عوام لاءِ حقن جو مطالبو ڪري رهي آهي، سي سي آءِ جو اجلاس جلد گهرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.