لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري سنڌ حڪومت جي ترجمانن جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته ڊمپر روز ڪراچي جي شهرين کي ماري رهيا آهن، ڇا اهو به وفاق جو مسئلو آهي؟، عظميٰ بخاري چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيل حادثن جو الزام وفاقي حڪومت تي نه لڳايو وڃي، گذريل 16 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ن ليگ جي نه پيپلز پارٽي جي آهي، هن چيو ته سنڌ جي منظور ڪيل 956 ارب جي ترقياتي بجيٽ کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي، مالي سال ختم ٿيڻ وارو آهي، سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي علائقي جون گهٽيون به نه ٺاهي سگهيو آهي، سڌ سماءَ واري وزير چيو ته سنڌ جو وڏو وزير هن وقت تائين روڊ ۽ هاءِ وي نه ٺاهي سگهيو آهي، سنڌ کي هر سال وفاق کان پنهنجي حصي جا فنڊ ملندا آهن، جيڪڏهن سنڌ انهن اربين رپين جي فنڊن سان به پنهنجا روڊ نه ٺاهي سگهي ته پوءِ اوهان جو خدا حافظ آهي، ن ليگ اڳواڻ چيو ته پنجاب حڪومت جا 90 سيڪڙو منصوبا پنهنجي فنڊن سان مڪمل ٿي رهيا آهن، وفاق ۽ صوبائي معاملن ۾ چاچا ڀائيٽي جو ڪهڙو تعلق آهي، ان جو حوالو ڇو؟ مريم نواز پنهنجي صوبي جي وسيلن سان پنجاب جا ڪيترائي وڏا روڊ مڪمل ڪيا آهن، عظميٰ بخاري چيو ته سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي نون 100 ترجمانن کي زميني حقيقتن تي بريفنگ ڏئي، اناڙي ترجمانن کي به ڪوڙيون سچيون پرچيون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ اهو لکيل ڳالهيون ڪندا.