اتر سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف جماعت اسلامي جو شڪارپور ۾ ڌرڻو

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) اتر سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي سرڪاري سرپرستي خلاف بحالي امن ايڪشن ڪميٽيءَ ۽ جماعت اسلامي طرفان صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ جي قيادت ۾ ڪندن چوڪ انڊس باء پاس وٽ زبردست ڌرڻو ھنيو ويو. انڊس ھاءِ وي تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي سبب ڪراچي پنجاپ ۽ بلوچستان ايندڙ  ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. شروع ۾ ڊي آءِ پي انچارج شاھجھان شاھ ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت پوليس اٽالن سان ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ جي ڪوشش ڪئي پر انھن جي ڀرپور مزاحمت سبب پوليس پسپا ٿي موٽي وئي. شرڪاء امن کپي بس امن کپي. امن جي نگري امن گھري ٿي، ڌاڙيل راڄ نا منظور جا اڀ ڏاريندڙ  نعرا ھڻي رھيا ھئا. ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي کان علاوہ بحالي امن ايڪشن ڪميٽيءَ ۾ شامل سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن توڙي واپارين،صحافي وڪيل اقليتن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پڻ خطاب ڪيو. ڪاشف سعيد شيخ پنھنجي خطاب ۾ عيد کان بعد فيصلا ڪن تحرڪ جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪڏھن حڪومت امن بحالي ۾ سنجيدگي نه ڏيکاري ته پوءِ رمضان  شريف کان پوءِ ٻٻرلو کان ڪراچي تائين نيشنل ھاءِ وي کي بلاڪ ۽ وزير اعليَ ھائوس جو گھيراءُ ڪيو ويندو. پوليس رينجرز ايف سي ۽ پنوعاقل ڇانوڻي ھجڻ جي باوجود سنڌ جو عوام امن کان محروم آھي. ايم ڊبليو ايم جي مرڪزي اڳواڻ علامه مقصود احمد ڊومڪي چيو ته ھتي غريبن لاءِ الڳ ته اميرن لاءِ الڳ پاڪستان آھي ،ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ جي صدر اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته امن اسان جي ٻچن ضرورت آھي. محمد يوسف چيو ته سنڌ جو عوام ڌاڙيل راڄ کي قبول نه ڪندا. ايس يو پي جي ڊويزنل صدر ظريت ساگر بجاراڻي چيو ته سنڌ ۾ آرٽيفيشل ڌاڙيل راڄ جا پيرا پ پ جي چونڊيل نمائندن جي گھرن ڏانھن وڃن ٿا ،پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عبدالعزيز سومرو چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي سرپرستي ۾ ڌڙيل راڄ قائم آھي. ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻن حافظ نصرالله چنا، علامه حزب الله جکرو،سھيل شارق جي يو آءِ جي علي حسن مارفاڻي،جيئي سنڌ قومي محاذ جي عبدالسمع بلالي،ڪميونسٽ پارٽي جي ممتازمنگي،سنڌي ادبي سنگت جي زبير سومرو، تبديلي پسند جي ھمير چانڊيو، سول سوسائٽيءَ جي ظفر علوي،  راشد لاشاري ، عادل جان شيخ ، وڪيل اڳواڻ علي اصغر پھوڙ، جيئي سنڌ محاذ جي عمران منگي اسدالله سومرو، ضلعي شڪارپور جي امير عبدالسميع ڀٽي ، مولانا صدرالدين مھر پڻ ڌرڻي کي خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.