گمبٽ ڀرسان جوابدار هٿان ڪارنهن الزام هيٺ سسُ قتل

گمبٽ (ن ع آ) گمبٽ ڀرسان بھارو ٿاڻي جي ڳوٺ محمد ملوڪ ناريجو ۾ جوابدار امتياز ناريجو ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪريپنهنجي سس 40 سالا امينا زال مولا بخش ناريجو کي قتل ڪري فرار ٿي ويو اطلاع تي بھارو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي سندس وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ايس ايس پي خيرپور جي حڪم بعد مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي جوابدار امتياز ناريجو کي فوري طور تي گرفتار ڪري ھٿيار ھٿ ڪري ورتو آهي.آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.