مصطفيٰ اغوا ڪيس ۾ پوليس پاران هڪ ارب جي رشوت طلب؟

اوٽاوا (حنيف دوامي) ڪراچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ڪيس ۾ پوليس پاران مبينا طور تي جوابدار ڌر کان هڪ ارب رپين جي رشوت طلب ڪئي وئي آهي ۽ ان جي شروعات 5 ڪروڙ رپيا رشوت وٺي ڪئي وئي آهي. 5 ڪروڙ رپين جي رشوت جوابدار ارمغان کي سهولت ڏيڻ، ساڻس سختي نه ڪرڻ، پوليس بدران جيل ڪسٽڊي ڪرائڻ تي ڏني وئي آهي. جيل عملدار چاهين ٿا ته جوابدار وٽن وڌ کان وڌ رهي ته جيئن هو 24 ڪلاڪن جا 10، 10 لک رپيا وٺي سگهن. هو جوابدار کان روز 10 لک وٺي رهيا آهن. عدالتي اختيارين جي ڪوشش آهي ته جوابدار وري وري پيش ٿيندو رهي ۽ وري وري هو جيل ڪسٽڊي ڪري کيسا گرم ڪندا رهن. ارمغان منشيات جو وڏو ڪاروباري آهي ۽ ڪال سينٽر هلائي پرڏيهين جا اي ٽي ايم خالي ڪرڻ جو ڪم ڪندو رهيو آهي. جوابدار ڪرپٽو ڪرنسي جو ڪم به ڪري ٿو ۽ سندس اڪائونٽ ۾ 150 بٽ ڪوائن آهن. هڪ بٽ ڪوائن ساڍا 3 ڪروڙ رپين جو آهي.  مصطفيٰ ۽ ارمغان ٻئي دوست هئا ۽ معاملو ڇوڪري جو آهي. پوليس ارمغان جي گهر مان وڏي پئماني تي سامان کڻي وئي آهي، وڏي پئماني تي اهو سامان ڦٻايو ويو آهي جنهن ۾ ڊالر به شامل آهن، هٿيار به آهن پر ڏيکاريا گهٽ ويا آهن.  پوليس، سي آءِ اي ته جوابدار کان ڪو پڇاڻو ئي ناهي ڪيو. جوابدار کان هڪ ارب جي گهر ڪندي کيس چيو ويو آهي ته ٻي صورت ۾ هو کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندا. جوابدار کي جيل ۾ هر قسم جي سهولت ملي رهي آهي.  حساس ادارا به ڪيس ۾ شامل ٿي چڪا آهن. ڪيس ۾ جي آءِ ٽي به ٺهندي. هاڻي معاملو اڳتي وڌي چڪو آهي ۽ پوليس جو هڪ ارب وارو خواب پورو ٿيندي نظر نٿو اچي. اهو پوليس جي اهم ذريعن ٻڌايو آهي. آءِ جي سنڌ ۽ گهرو وزير کي گهرجي ته ڪيس کي لاوارث نه ڇڏين ۽ جاچ ٻي ٽيم حوالي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.