اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جا ٻه صوبا پاڪستان کان انتظامي طور ڪٽيل آهن جتي حڪومتي رٽ ناهي. پر ملڪ لاءِ تڏهن سوچينداسين، جڏهن اسلام آباد جي سياسي دونهين مان جان ڇڏائينداسين. پي ايف يو جي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊڪٽيٽر هميشه ميڊيا کي دٻائي رکڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان هميشه چيو آهي ته حڪومت صحافين لاءِ ضابطا اخلاق نه ٺاهي، صحافين کي پاڻ ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته هر آمر آئين، جمهوريت، پارليامينٽ جو قتل عام ڪيو، اسان 26هين ترميم جي نالي تي آئين تي جيڪو خون وهيو ان خلاف ويڙهه ڪئي، هنن عدليه کي پنهنجو غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، فوجي عدالتون ٺاهي عدليه کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، 26 هين ترميم جون 56 شقون هيون پر حڪومت 26 هين ترميم کي واپس وٺي ڇڏيو، باقي 2 شقن کي استعمال ڪيو ٻن ٽن مهينن لاءِ پلاننگ. ان کان پوء ڪجهه ماڻهو نصب ڪيا ويا.هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ کي ٻيهر وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. فضل الرحمان چيو ته اسان جي ڪجهه قوتن کي رڳو پنهنجي اختيار جي پرواهه آهي، فوج هجي يا ويڙهاڪ، انهن کي عوام جي راءِ سان ڪا به دلچسپي ناهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته پيڪا ايڪٽ بابت هو صحافين سان گڏ بيٺو آهي، اسان صحافين سان گڏ قدم سان قدم کڻنداسين. ملڪ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار ختم ڪيو پيو وڃي، جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي، ڊمي نمائندا عوام جو ڪيس نه ٿا وڙهن، جتي به جي يو آءِ جا نمائندا چونڊيا ويا اتي امن آهي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته هو پيڪا ايڪٽ تي صحافين سان گڏ بيٺا آهن، پيڪا ايڪٽ بزدلاڻو عمل آهي. پيڪا ايڪٽ ڦيڪا ايڪٽ آهي. هي ملڪ اسان جو آهي ۽ ان جي بقا اسان لاءِ اهم آهي، ” طاقت مردهه باد، عدالت زندهه آباد “