خيرپور (رپورٽ:عبدالمتين مهر) خیرپور راڻيپور جي پیراڻي حویلي ۾ مبینا تشدد ۾ قتل ٿیل معصوم ٻارڙي فاطمہ ڦرڙو جي ڪیس جي ٻڌڻي فورٿ ایڊیشنل سیشن جج خيرپور جي عدالت ۾ ٿي گذري. عدالت ۾ جوابدارن پير اسد شاه سندس زال حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي پیش ڪیو ویو جوابدارن جي وڪیل پاران جوابدارن جي ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي فریادي ڌر ۽ جوابدارن جي وڪیلن پاران ضمانت تي تقریر ڪئي وئي عدالت پاران ڪیس جي وڌیڪ ٻڌڻي 15 فیبروري تائین ملتوي ڪئي وئي. ٻڌڻي بعد فاطمہ ڦرڙو جي پيء ندیم ڦرڙو میڍیا سان ڳالھائیندي چیو تہ اسان کي ڪورٽ تي اعتماد آھي اسان جوابدارن سان ٺاهه نه ڪیو آھي باقي جیڪا ڪورٽ جي مرضي هجي. یاد رھي تہ گذریل حاضري تي فاطمہ ڦرڙو جي والدہ ۽ ڪیس جي فریادڻ شبنم ڦرڙو عدالت کي ٻڌایو ھیو تہ سندس ڌيء جي جوابدارن سان ٺاہ ٿي ویو آھي تنھن ڪري جیڪڏھن عدالت سندن ضمانت ڏیندي تہ کیس ڪو اعتراض نه آھي. فاطمہ ڦرڙو راڻيپور جي پیراڻي حویلي ۾ ڪم جي لاء سندس والدین پیرن جي حوالي ڪئي ھئي ۽ 13/14 اگسٽ 2023 ۾ سندس لاش ملیو ۽ پورسٽ مارٽم مان ساڻس زیاتي جي تصدیق ٿي ۽ ھن تڙپي تڙپي دم ڏنو. ڏيھي توڙي پرڏيھي سطح تي هاء پروفائل ڪيس ٿي ويو آهي.