ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي سنڌڙي پوليس ھٿان جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪرڻ واري هاءِ پروفائل ڪيس ۾ ايف آءِ اي 29 صفعن تي ٻڌل رپورٽ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي لڳل گوليون پوليس اهلڪارن جي سرڪاري رائفل جون هجڻ، مقابلي وقت ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص لاڳيتو رابطي ۾ هجڻ، ايس ايس پي عمرڪوٽ ميرپورخاص ۾ موجود هجڻ، ڊاڪٽر شاهنواز کي ڊي آءِ جي جي هدايتن تي عمرڪوٽ پوليس پاران ميرپورخاص پوليس جي حوالي ڪرڻ سميت اهم انڪشاف ٿيل آھن، ايف آءِ اي پاران ڪيس ۾ نامزد ڪيل اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ۽ اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد خلاف ضمانت جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي سخت پڇاڻو ڪيو ويو، جنهن تي ايف آءِ اي پاران اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري جي اسلام آباد واري گھر تي ڇاپو هڻڻ ۽ سندس موجود نه هجڻ سبب گرفتاري نه ٿيڻ جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، مليل ڄاڻ موجب ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز کي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي جي هدايتن تي عمرڪوٽ پوليس ميرپورخاص پوليس حوالي ڪيو، جڙتو مقابلي ۾ لڳل ٻه گوليون پوليس اهلڪارن غلام قادر ۽ نادر پرويز کي فراهم ڪيل سرڪاري اسلحي جون هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، مقابلي وقت ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص پنهنجين ذاتي سمن بدران ٻين جي نالن تي نڪتل سمن ذريعي پاڻ ۾ لاڳيتو رابطي ۾ هجڻ سان گڏ ان ڏينهن ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا جي سي آءِ اي سينٽر ميرپورخاص ۽ مهراڻ ٿاڻي ميرپورخاص ۾ موجود هجڻ جي لوڪيشن، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي معاملي ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ پير عمر جان سرهندي سان لاڳيتو رابطي ۾ هجڻ، واقعي بعد 15 لک روپين جي ٽرانزيڪشن ٿيڻ سميت ٻيا اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن، چالان موجب ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدارن وچ ۾ 15 لکن جي شڪي ٽرانزڪشن بابت ڳالهه ٻولهه جا ثبوت به مليا آهن پر اهو معلوم ناهي ته اها رقم ڪنهن کي ۽ ڇو ڏني وئي هئي؟، انسپيڪٽر عنايت کي ايس ايس پي اسد چوڌري جو پيغام مليو جنهن ۾ چيو ويو ته ڊي آءِ جي صاحب پنج لک موڪليا آهن، ٻئي پيغام ۾ هو چوڌري اسد عنايت کي چوي ٿو ته اڄ رات پنج لک موڪليندس، مون شبير جسڪاڻي، جيڪو ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جو ڀاءُ آهي، کي چيو آهي ته هو به 5 لک رپيا موڪليندو، ٽوٽل 15 لک رپيا، هو ڪال به ڪندو، چالان ۾ پيش ڪيل انسپيڪٽر عنايت زرداري جي موبائيل رڪارڊ موجب ايس ايس پي چوڌري اسد عنايت زرداري کي هڪ پيغام فارورڊ ڪيو، جنهن ۾ لکيل آهي ته اهو ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جو پيغام آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته عنايت کي چئو ته وڏي صاحب کان سردار شاهه کي فون ڪرايو، ايس ايس پي چوڌري هڪ ٻيو پيغام فارورڊ ڪيو ته عنايت کي چئو ته ادي کان گهرو وزير کي فون ڪرائي، مون به ان کي ميسيج ڪيو آهي پر شايد منهنجو ميسيج ايترو وزنائتو نه هجي، ايف آءِ اي جي حتمي چالان ۾ تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ پير عمر جان سرهندي، ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي آصف رضا، ايس ايس پي اسد علي چوڌري، عنايت علي زرداري، هدايت الله، نادر پرويز، غلام قادر، نياز محمد کوسو، دانش ڀٽي سميت 23 جوابدارن خلاف ٽرائل جي درخواست ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ پوليس مقابلي بعد ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايڇ او سنڌڙي کي هڪ ملعون کي جهنم واصل ڪرڻ تي مبارڪباد جا پيغام ملڻ ۽ کين گلن جا هار پيش ڪرڻ سميت ٻيا مختلف ميسيجن جا عڪس پڻ رپورٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ٻنهي ڌرين پاران ايف آءِ اي جي پيش ڪيل حتمي رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد ان تي عدالت ۾ پنهنجو موقف اختيار ڪرڻ جو چيو پيو وڃي، جڏهن ته عدالت ۾ رپورٽ پيش ٿيڻ تي ڪيس ۾ نامزد پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن ۾ ٿرٿلو متل آهي.