سنڌوءَ تي ڪو به ڪئنال منظور ناهي:ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)توانائي وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊيل باڊي کي مبارڪون ڏيڻ لاءِ ڪلب پهتو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چين جي دوري دوران اي وي بسن ۽ ٽرانسپورٽ جي منصوبن سکر حيدرآباد موٽروي بابت به ڳالھه ڪئي وئي هن چيو ته عدالت،آرمي چيف يا حڪومت کي ڪو خط لکيو ويندو آهي اها سٺي ڳالهھ آھي پر آئي ايم ايف يا ملڪ کان ٻاهر اهڙي صورتحال ۾ خط لکڻ جڏهن ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي اهو مناسب ناهي،هن چيو ته آفاق احمد لاءِ احترام آهي پر ڪو ماڻهن کي چوندو ته ڪنهن جي ملڪيت کي نقصان پهچايو ۽ ماڻهون ائين ڪن ٿيا ته اها ڪنهن کي اجازت ناهي. هن چيو ته ڪراچي لاءِ نوحا پڙهندڙن ڪڏهن وفاق کي چيو ته ڪراچي روينيو ڏيندڙ سڀن کان وڏو شهر آهي ان لا ڪهڙيون اسڪيمون ڏنيون ويون آهن؟هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو واضع موقف آهي ته انڊس تي ڪوبه نئون ڪينال منظور ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.