آغا خان اسپتال جو گند ملير جي ڳوٺن ۾ تباهي پيو پکيڙي، حڪومت نوٽيس وٺي:ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچي جي آغا خان اسپتال جو گند ڪچرو ملير جي ڳوٺن ۾ ساڙڻ واري عوامي آواز ۾ ڇپيل خبرن تي ردعمل جو اظهار ڪندي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضيءَ چيو ته ملڪ جا درياهه، ڍنڍون سڀ انساني ۽ فيڪٽرين جي ماحول دشمن عملن سان گدليون ٿي رھيون آھن. فيڪٽرين جي پيدا ڪيل گدلاڻ آسمان طرف تيزي سان زهريلي آبهوا ٺاھي رھي آھي. ان سان انسانن کي  ساھ جون بيماريون اڳ ئي وڪوڙي ويون آھن، انھن  حالتن ۾ آغا خان اسپتال جو سمورو گند ڪچرو  علائقي ۾ ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪري رھيو آھي ۽ ان سان گڏ  گدلو پاڻي بنان ٽريٽمينٽ جي  ملير ندي ۾ وھايو  وڃي ٿو ۽  اھو زمين ۾ جزب ٿي رھيو آھي،گند ڪچرو ساڙڻ ڪري ملير جا علائقا اڻ ڳڻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن حڪومت فوري طور ان ملير دشمن عمل جو نوٽيس وٺي ماحوليات جي وزارت کي موثر ڪارروائي ڪرڻ گھرجي ته جيئن انساني جانيون بچائي سگھجن عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته سنڌ جي  ٻھراڙين جي حقن جي لتاڙ ڪري شھر اڏي انھن  جي فطري حسن کي برباد ڪيو پيو وڃي ملير واسين سان به وڏو ظلم ٿي رھيو آھي ھڪ ته ڌرتي ڌڻين کان سندن اباڻي زمين کسي وئي ۽ باقي بچيل ڳوٺ کي زھريلي دونھين ور چاڙھي بيمار ڪيو پيو وڃي اسان عوامي آواز جي خبر پڙھي آھي ملير وارن سان وڏو ظلم ٿيو آھي اسين ملير واسين سان گڏ بيٺل آھيون نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي صدر تاج مري چيو ته اڄ ٻين ڪيترن ئي بنيادي انساني حقن سان گڏ ماحوليات عالمي مسئلو آھي ، ملير ۾ گدلاڻ ڪري ڌرتي ڌڻين جون زندگيون خطري ھيٺ آھن ،سنڌ حڪومت کي ان جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽  اسپتال جي گدلاڻ کي بنا دير روڪيو وڃي،يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ حمز علي چانڊيي چيو ته مون عوامي آواز ۾ خبر پڙھي آھي آغا خان اسپتال جي گند اڇلائڻ ۽ ساڙڻ واري عمل سان ڳوٺاڻن جي زندگين کي خطرو آھي ماڻھو بيمار ٿي رھيا آھن سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته جي اھڙا ڪم صحت جا ادارا پاڻ ڪن ته پوءِ ٻئي ڪنھن کي ڪھڙي ميار ڏجي اسين ڳوٺاڻن سان گڏ آھيون ۽ انھن جي درد کي پنھنجو درد سمجھون ٿا

اسپتال انتظاميا کي غيرذميواري نه ڪرڻ گهرجي:منير حيدر شاهه

ڪراچي:سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد منير حيدر شاهه اسپتال جو گند ڪچرو ملير جي ڳوٺن ۾ ساڙڻ واري عوامي آواز ۾ ڇپيل خبرن تي ردعمل جو اظهار ڪندي ان عمل جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته آغا خان هڪ ذميوار ادارو آهي،ان کي اهڙين غير ذميواراڻين سرگرمين کان پري رهڻ گهرجي، اهو هڪ فلاحي ادارو به آهي، تنهن ڪري جيترو ٿي سگهي مقامي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ خدمتون ڏيڻ گهرجن.سندس چوڻ هو ته اهو عمل نه رڳو انساني  زندگين پر ماحول لاءِ به انتهائي خطرناڪ آهي، انتظاميا کي گهرجي ته مقامي آبادي سان ڳالهائي ۽ کين پيش مسئلن جو حل ڪڍي، هن مقامي آبادي سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اعلان ڪيو ته مان پاڻ ان معاملي ۾ ڪردار ادا ڪندس ۽ لاڳاپيل اختيارين توڙي اسپتال انتظاميا سان ڳالهائيندس

ايجوڪيشن سٽي جي زمين زرعي ناهي: ڊپٽي سيڪريٽري زراعت

ڪراچي: زراعت کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري امجد علي شيخ چيو آهي ته ايجوڪيشن سٽي جي زمين زرعي ناهي، مون کي خبر ناهي ته اتان جا ماڻهو پوکي ڪندا آهن يا نه پر مان سيڪريٽري سان ڳالهائي لاڳاپيل وزارتن سان رابطو ڪندس، مان ڪو به موقف ڏيڻ جو مجاز ناهيان.

خانگي اسپتال خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي:ارشاد شر

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ارشاد شر ۽ جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو چيو آهي ته ماحولياتي  گدلاڻ انسان لاءِ هاڃيڪار آهي سنڌ حڪومت جا ماحولياتي گدلاڻ لاءِ قائم ڪيل ادارا ماحولياتي گدلاڻ پکيڙيندڙن خلاف تحرڪ وٺن ته جيئن اسان صاف سٿري ماحول ۾ پنهنجي زندگي گذاري سگهون ۽ اسان کي گهرجي ته ماحولياتي گدلاڻ کان بچڻ لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪيون اهڙن خيالن جو اظهار هنن ”عوامي آواز“ سان خاص ڳالهه ٻولهه ذريعي ڪيو، هنن چيو ته ”عوامي آواز“ نج انسانيت جي خدمت سان گڏوگڏ جمهوريت جي هلچل، وڪيل برادري جي جدوجهد سميت ماحولياتي گدلاڻ خلاف جيڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي سو ساراهه جوڳو آهي اهڙي عمل ۾ ملير بار ايسوسيئيشن جيڪا پنهنجي ضلعي جي رهواسين لاءِ حقن جي حاصلات جيڪا قانون جي دائري ۾ اچي ٿي تنهن سان گڏوگڏ سماجي جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ ملير واسين کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، هنن گهر ڪئي ته سنڌ ۾ جيڪي به ادارا، فيڪٽريون، ڪارخانا، اسپتالون يا ڪي ٻيا ايليمينٽ جيڪي ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪن تن خلاف قانوني ايڪٽ تحت مٿن ڪارروائي ڪئي ويندي، هنن چيو ته نجي اسپتال جيڪڏهن ڪا به ان عمل ۾ ملوث آهي تنهن خلاف به بغير ڪنهن رڪاوٽ ۽ دير جي مٿن قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.